Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

شريف پهتا يا پهچي رهيا آهن، جيڪي طواف جا مزا ماڻيندا، صفا ۽ مَروه جي سعي ڪندا، مزدلفه ۽ منيٰ ۽ عرفات ويندا، مديني شريف جي حاضري جي سعادت ماڻيندا، انهن جي خوش بختي آهي، اهي تمام اعليٰ سعادت وارا آهن، اسان حج جي لاءِ نه وڃي سگهياسون، اسان انهن سعادتن کان محروم رهجي وياسين، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اسان حج جو ثواب ته حاصل ڪري سگهون ٿا، باجماعت نماز جي عادت بڻايون! عشاء جي نماز به باجماعت پڙهون! فجر به باجماعت ادا ڪيون! باقي ٽي نمازون به مسجد ۾ تڪبيرِ اُوليٰ سان ادا ڪرڻ جي سَعَادت ماڻيون! بلڪه وُضُو گهر کان ڪري مسجد جي طرف هلون! اِنْ شَآءَ اللہُ! حج ۽ عمري جو ثواب نصيب ٿي ويندو.

باجماعت نماز پڙهڻ واجب آهي

بيشڪ * مسجد ۾ اچڻ، * مسجد کان محبت ڪرڻ، * مسجد سان دل لڳائڻ، * پنج ئي نمازون پابندي سان باجماعت ادا ڪرڻ نيڪ ٻانهي جي علامت آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

 وَ ارۡکَعُوۡا مَعَ الرّٰکِعِیۡنَ (۴۳)

ترجمو ڪنزالايمان: رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪريو. (پارہ1،سورۂ بقرہ:43)

حضرت مفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن (يعني رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪيو) جو مطلب اهو آهي ته جماعت سان نماز پڙهو، ڇوته جماعت سان نماز اڪيلي نماز پڙهڻ کان ستاويھ (27) درجا افضل آهي. (تفسير نعيمي جلد1ص330)

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت

ہو    توفیق    ایسی       عطا   یااِلٰہی!([1])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:102۔