Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

۽ ياد رکو! حج فرض ٿي وڃڻ کان فوراً  بعد  حج ڪرڻ ضروري آهي، يعني هن ۾ بهانا ڳولهڻ ته ايندڙ سال هليو ويندُس، ڌيئرن جي شادي ڪَرائي وٺان، ان کان بعد حج جي لاءِ ويندُس، هاڻي ڪاروباري معاملا اَٽڪيل آهن هي پورا ڪري وٺان پوءِ حج جي لاءِ ويندُس، هي انداز بلڪل درست ناهي.

فرض حج نه ڪرڻ جي وعيد

اي عاشقانِ رسول! جيڪو شخص حج فرض هئڻ جي باوجود حج ناهي ڪندو، اهو تمام گهڻي نقصان ۾ آهي. مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  کان روايت آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو ٻانهو زاد ۽ راحِله (يعني سواري ۽ سفرِ حج جي خرچ) جو مالڪ هجي جنهن جي ذريعي هو مڪي شريف تائين پهچي سگهي، ان جي باوجود جيڪڏهن هو حج نه ڪري ته چاهي يهودي ٿي ڪري مري يا نصراني ٿي ڪري.)[1](

اَللہُ اَکْبَرْ ! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪيڏي سخت وعيد آهي، اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّم رَحْمَۃٌ لِّلْعٰلَمِیْن (يعني تمام جهانن جي لاءِ رحمت) آهن، ماڻهن جو ايمان قبول ڪرڻ، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّم کي تمام گهڻو پسند آهي، جڏهن ڪافر ڪلمو نه پڙهندا هئا، قرآني آيتن تي ايمان نه آڻيندا هئا ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّم تمام گهڻو غمگين ٿي ويندا هئا، رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّم جيڪي ڪافرن جي ڪلمي نه پڙهڻ سان به غمگين ٿين ٿا، هو هڪ مسلمان جي لاءِ فرمائن ٿا: حج فرض هئڻ جي باوجود اگر هو حج نٿو ڪري، اهو چاهي يهودي ٿي ڪري مري يا نصراني ٿي ڪري.


 

 



 [1] ترمذی، کتاب الحج، صفحہ:223، حدیث:812۔