Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته جيڪو حج جو تارڪ آهي (يعني جيڪو حج فرض هئڻ جي باوجود حج ادا ناهي ڪندو) ان جي موت ۾ ۽ يهودي ۽ نصرانيءَ جي موت ۾ ڪو فرق ناهي، الله پاڪ حج نه ڪرڻ واري کان به ناراض آهي ۽ يهود و نصارٰي کان به ناراض آهي. ها! ٻنهي ناراضگين ۾ فرَق آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص آهي جيڪو حج ڪندو به ناهي ۽ حج جي فرضيت جو به انڪار ڪندو آهي ته اهو ٻانهو ڪافر ٿي ويندو ۽ ان جي ۽ اهلِ ڪتاب جي ڪفر ۾ ڪو فرق نه رهندو )[1](

شَرَف دے حج کامجھے میرے کبریا یارب!                                       روانہ سُوئے مدینہ ہو قافِلہ یارب!

دکھا دے ایک جھلک سبز سبز گنبد کی                                                                             بس اُن کے جلووں میں آجائے پھر قضا یارب!

بَوقتِ نَزع سلامت رہے مِرا ایماں                                                                           مجھے نصیب ہو توبہ ہے التجا یارب! ([2])

سوال به پاڻ ٻڌايائون ۽ جواب به پاڻ ڏنائون

ابنِ حبّان جي روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ انصاري صحابي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ڪجھ سوال پڇڻ جي لاءِ حاضر ٿيو، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪڏهن توهان چاهيو ته مون کان سوالَ ڪيو! ۽ جيڪڏهن چاهيو ته مان ئي توهان کي توهان جا سوال به ٻڌايان ۽ انهن جا جواب به ٻڌايان. صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان ئي ارشاد فرمايو ته مان ڇا پڇڻ آيو آهيان؟  پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: توهان پڇڻ آيا آهيو ته * جڏهن حاجي پنهنجي گهر کان نڪرندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ * جڏهن اهو ميدانِ عرفات


 

 



[1] مراۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:94۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:87 ملتقطاً۔