Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

ڪيان ها، هي لالچ خطري جي ڳالھ آهي، حديث شريف ۾ صاف ٻڌايو ويو ته اهو مالدار مال هوندي، جن گناهن جو بار پنهنجي مٿي تي رکي رهيو آهي، هي غريب جنهن وٽ مال به ناهي، اُن سبب جي ڪري گناھ ڪري به ناهي رهيو پر پنهنجي بُري نيت جي ڪري هي ۽ اهو گنهگار مالدار ٻئي جُرم ۾ برابر آهن.

 الامان والحفیظ...!! الله پاڪ اسان کي مال ۽ دولت جي حرص کان محفوظ فرمائي. ڪاش! اسان کي صحابهءِڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جهڙي نيڪين واري سوچ نصيب ٿي وڃي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ذڪر ڪيو! حج جو ثواب ڪمايو!

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيو سبق جيڪو هن حديث پاڪ مان اسان کي سکڻ جي لاءِ مليو، اهو هي ته جيڪو انسان هر نماز کان پوءِ تسبيحِ فاطمه پڙهي، يعني 33 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ ، 33 ڀيرا اَلحَمۡدُلله! ۽  34 ڀيرا اللهُ اڪبر پڙهندو ڪري، اهو مالدارن جي مالي عبادت (مثلاً حج، زڪواة وغيره) وارو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

سُبْحٰنَ اللہ! هن مان معلوم ٿيو، الله پاڪ جو ذڪر تمام وڏي رُتبي واري عبادت آهي جو هن جي ذريعي سان وڏين وڏين نيڪين جي برابر ثواب ملي ويندو آهي، ڪاش! اسان کي ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

عظمت وارو روزيدار ڪير؟

حضرت سهل بن مُعَاذ رَضِىَ اللهُ عنۡه پنهنجي والد صاحب کان روايت ڪن ٿا: هڪ ڀيري محفلِ نُور لڳل هئي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف