Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

ملندو * والدين کي پيار سان ڏسو! هر دفعي ڏسڻ تي هڪ مقبول حج جو ثواب نصيب ٿيندو * والدين وفات ڪري چڪا آهن ته انهن جي قبر تي حاضري ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ  مقبول حج جو ثواب نصيب ٿيندو * نماز باجماعت ادا ڪيو! حج جو ثواب ملندو * فجر کان پوءِ مسجد ئي ۾ ويهي رهو! اشراق جا نفل پڙهي ڪري اٿو! حج جو ثواب ملندو * صبح جي وقت مسجد ۾ دين سکڻ جي لاءِ وڃو! حج جو ثواب ملندو * جمعي جي نماز ادا ڪيو! جمعي جي نماز جي لاءِ جلدي مسجد ۾ وڃو! حج جو ثواب ملندو * پنهنجي مسلمان ڀاء جي ضرورت ۾ ڪم اچو! ان جي برڪت سان به اِنْ شَآءَ اللہُ! حج جو ثواب نصيب ٿيندو. الله پاڪ اسان کي حج جو شوق نصيب فرمائي ۽ حج جو ثواب ماڻڻ جي لاءِ سڄو سال بلڪ سڄي عمر هي نيڪ عمل اپنائڻ جي سعادت عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو

 پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ حج جو شوق، مديني جو شوق بلڪ عشقِ شاههِ مدينه دل ۾ وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو. اِنْ شَآءَاللہُ! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو به آهي.

 *حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راههِ خُدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي. (مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔)  * نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهر کان نڪرڻ به راھ خدا ۾ نڪرڻ آهي. *اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت