Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

(7-8) حج جو ثواب ڏيارڻ وارا 2 عمل

پيارا اسلامي ڀائرو! حج جو ثواب ڏيارڻ وارا ٻيا به کوڙ سارا عمل آهن، مثلاً *رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَلْجُمُعَۃُ حَجُّ الْمَسَاکِیْن  يعني جُمعي جي نماز مسڪينن جو حج آهي.)[1](  * انهي طرح حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءَ جي حاجت روائي جي لاءِ ويندو آهي الله پاڪ اُن تي 75 هزار ملائڪن جي ذريعي سايو فرمائيندو آهي اهي ملائڪ ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن ۽ اهو فارغ ٿيڻ تائين رحمتِ الٰهي جي سايي ۾ رهندو آهي ۽ جڏهن هو هن ڪم کان فارغ ٿيندو آهي ته الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ حج ۽ هڪ عُمري جو ثواب لکندو آهي.)[2](

بيان جو خُلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪلام جو خلاصو هي آهي ته حج تي وڃڻ، مڪّي پاڪ پهچڻ، طواف ڪرڻ، صفا ۽ مروه جي سعي جا مزا ماڻڻ، ميدانِ عرفات، مُزدلفه ۽ منيٰ وڃڻ، اُتي وسندڙ رحمتن جو حقدار بڻجڻ تمام وڏي سعادت آهي، ربّ ڪريم اسان کي هر سال هي سعادت نصيب فرمائي. البت! جيڪڏهن اسان حج جي لاءِ نٿا وڃي سگهون، ايترا وسائل ناهن، رڪاوٽون آهن، پوءِ به دل ۾ حج جي تڙپ ته رکڻ ئي گهرجي، دل ۾ تڙپ هوندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ! ڪرم به ٿي ئي ويندو. پوءِ ان سان گڏوگڏ هي ته اسان حج تي نه وڃي سگهياسين، گهٽ ۾ گهٽ حج جو ثواب ڏيارڻ وارا اَعۡمال ئي اپنايون، اسان هاڻي جيڪي حديثون ٻڌيون، انهن جي مطابق اسان ڪيترن ئي حجن جو ثواب ڪمائي سگهون ٿا.

جي ها * صبح ۽ شام جي وقت 100 ڀيرا سُبۡحٰن الله پڙهو! 100 حج جو ثواب


 

 



[1] جامع الصغیر، صفحہ:221، حدیث:3635، 3636۔

[2] معجم اوسط، 3 / 222، حدیث : 4396