Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

پيارا  آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ۽  با جماعت  نماز (حڪايت)

اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا بيان ڪن ٿيون: جڏهن سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن گهڻو بيمار ٿيا ته حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پاڻ
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نماز جو اطلاع ڏيڻ جي لاءِ حاضر ٿيا ته ارشاد فرمايائون:”ابوبڪر کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائن.“ پوءِ جنهن وقت حضرت سيدنا ابوبڪررَضِىَ اللهُ عَـنْهُ نماز پڙهائڻ ۾ مشغول هئا ان دوران پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ طبيعت ۾ ٿوري چاڪائي محسوس ڪئي ته اٿي ڪري ٻن ڄڻن کي سهاري جي سعادت عطا فرمائي مسجد جي طرف اهڙي طرح تشريف کڻي ويا جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مبارڪ قدم زمين تي لڳي رهيا هئا، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن جو آواز محسوس ڪيو ته پوئتي هٽڻ لڳا، حضور اڪرمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن کي اشارو ڪيو (ته پوئتي نه هٽو) پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي کاٻي طرف ويهي رهيا، حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيهي ۽ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ويهي نماز پڙهي رهيا هئا، حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اقتداء ۾ (يعني پويان نماز ادا) ڪري رهيا هئا ۽ ماڻهو حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي (اقتدا ڪري رهيا هئا).
 (بخاري شريف جلد1ص254، حديث: 713 ملخّصاً)

اعليٰ حضرت ۽ باجماعت نماز جو اهتمام

اي عاشقانِ رسول! هن حڪايت مان اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جماعت سان تمام گھڻي دلچسپي جو اظهار ٿئي ٿو جو شديد بيماري جي حاضري جي حالت ۾ به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ