Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

رشڪ آهي ته ان ڳالھ تي آهي ته اهي نماز پڙهندا آهن، اسان به نماز پڙهون ٿا،*  اهي تلاوت ڪندا آهن، اسان به تلاوت ڪيون ٿا* اهي حديثون ٻڌندا آهن، اسان به حديثون ٻڌون ٿا،* اهي نفل پڙهندا آهن، اسان به نفل پڙهون ٿا * اهي روزا رکندا آهن، اسان به رکون ٿا، ايستائين ته معاملو برابر آهي، پر اهي ڇوته مالدار آهن، لهٰذا * اهي حج، زڪوات، صدقو خيرات وغيره مالي عبادتون به ڪن ٿا پر اسان مالي عبادتون نٿا ڪري سگهون، يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن هنڌ اچي ڪري مالدار صحابه نيڪين جي معاملي ۾ اسان کان اڳتي نڪري رهيا آهن.

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اصل رشّڪ ڪرڻ جو مقام...!! افسوس! اسان وٽ هاڻي حالات اهڙا ٿي ويا آهن جو جيڪي غريب آهن، اميرن کي ڏسي ڪري انهن جي دلين ۾ لالچ اچي ته ٿي پر ڪهڙي لالچ اچي ٿي(هيءَ جو) * مالدارن وٽ ڪوٺي چڱي آهي * مالدارن وٽ بهترين ڪارون آهن * مالدارن جو کائڻ پيئڻ تمام اعليٰ آهي، افسوس! اسان انهن ڳالهين تي لالچ ڪندا آهيون پر صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم نيڪين جي ڪثرت تي رشڪ ڪندا هئا. ڪاش! اسان کي به صحابه ڪرام
 رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جهڙي پياري پياري اعليٰ سوچ نصيب ٿي وڃي.

غريب ۽ امير هڪجهڙا

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ياد رکجو ته اسان جي هي دل جيڪا لالچ ڪري ٿي، اهو نه سمجهو ته هي معمولي ڳالھ آهي، نه....!! نه. ان دل جي لالچ جي به تمام وڏي اهميت آهي، حديث شريف ٻڌو! رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دُنيا 4 ماڻهن جي آهي: (1) اهو انسان جنهن کي الله پاڪ مال به ڏنو آهي ۽ علم به عطا فرمايو آهي، جيئن ته اهو مال جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄي ٿو، صله رحمي(يعني رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ) ڪري ٿو، مال جا حق پورا پورا ادا ڪري ٿو. هي تمام افضل آهي. (2)  ٻيو اهو انسان آهي جنهن کي الله پاڪ علم ته ڏنو آهي