Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

”اَلقرآن الڪريم“ ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄ جو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، هڪ تمام وڏو تعداد آهي جيڪو اينڊرائڊ موبائل (Android Mobileيا آئي فون استعمال ڪري ٿو۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به نيڪيون ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي:  AlQuranal kareem (القرآن الڪريم)۔ اها ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تان ڊاؤن لوڊ ڪري آساني سان استعمال ڪري سگھجي ٿي، هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآنِ پاڪ پڙھڻ ۽ مختلف قارين جي آواز ۾ ٻڌڻ جي سهولت موجود آهي. * هن سان گڏوگڏ ڪنهن مخصوص سورت يا آيت کي (بڪ مارڪ) Bookmark به ڪري سگھجي ٿو يعني هر هر پڙھڻ واري سورت يا آيت کي Bookmark جي سبب آساني سان پڙهي سگھجي ٿو۔

 اڄ  ئي اها ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪريو ۽ ٻين کي به قرآنِ پاڪ پڙھڻ، ٻڌڻ جي ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔)[1](

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا


 

 



[1] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔