Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَجَل هائو! (يعني اي ابو بڪر! بلڪل ايئن ئي آهي، جيڪو ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪري ٿو، اهو تمام ڀلائيون ميڙي وٺي ٿو).)[1](

جنّت ۾ باغ لڳائڻ جو طريقو

حضرت ابو سليمان داراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنّت ۾ خالي زمين آهي۔ جڏهن ٻانهو ذِڪرُ الله ڪندو آهي ته ملائڪ ان جنّتي زمين ۾ ان جي لاءِ باغَ لڳائڻ شروع ڪندا آهن، ٻانهو جيستائين ذِڪر ڪندو رهندو آهي، ملائڪ باغ لڳائيندا رهندا آهن، جڏهن ٻانهو رڪجي ويندو آهي ته ملائڪ به رُڪجي ويندا آهن۔

ڪثرت سان ذِڪر نه ڪرڻ جا ڪجھ سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! ذڪرُالله ڪيتري اعلي عبادت آهي پر افسوس...! دِل ۾ تڙپ ناهي * نيڪين جو حِرص نه هئڻ جي برابر آهي * آخرت جي فڪر بابت گھٽتائي آهي * فُضُوليات ۾ مصروف رهڻ جي عادَت آهي * دُنيا جي محبت ڄڻ دِل ۾ وڌي چڪي آهي * هر وقت بس دُنيوي سوچن ئي ۾ مَصرُوف رهون ٿا * فضول ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي اهڙي عادت پئي آهي جو بَس الله پاڪ جي پناھ! * غيبت * چغلي * ڪوڙ ٻيا خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گُنَاھ هي زبان اسان کان ڪرائيندي رهي ٿي، وڌيڪ رهي سهي ڪسَر سوشل ميڊيا ڪڍي ڇڏي آهي، ڪڏهن اڪيلائي ۾ ويهڻ جو موقعو مِلي به ته هڪدم موبائِل هٿ ۾ ۽ فيس بُڪ، يوٽيوب وغيره وغيره ۾ لڳي ويندا آهيون۔

 ڪاش! اسان نيڪين جا حريص بڻجي وڃون۔  

میری زَبان تر رہے ذِکر و دُرُود سے                                                                بے جا  ہنسوں  کبھی  نہ  کروں  گفتگو  فُضُول([2])

 


 

 



[1] معجم کبیر، جلد:8،صفحہ:481، حدیث:16812۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:۔