Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

آهن جو اسان سندن بدلو چُڪائي نٿا سگهون. هڪ ڀيرو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سوال ٿيو: والدين جا ڪيترا حقوق آهن(يعني پڇڻ وارو اهو پڇڻ چاهي پيو ته حقن جي ڳڻپ ٻڌائي وڃي ته جيئن مان اهي ڳڻي پورا پورا ادا ڪيان).  سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جو جيڪو جواب ڏنو، ڪمال هيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ جملي ۾ ڳالھ ختم ڪيائون، فرمايائون: والدين جا ايترا حق آهن جو جيڪڏهن هي وفات ڪري وڃن ۽ پٽ انهن کي ٻيهر زندھ ڪري سگهندو هجي ته ڪري.

چوڻ جو مقصد اهو هو ته جهڙي طرح مُردن کي زندھ ڪرڻ عام انسان جي لاءِ ناممڪن آهي، ايئن ئي والدين جا حقوق پورا ڪرڻ، انهن جي ڪا ڳڻپ رکڻ، هي به ناممڪن آهي، هاڻي جيڪڏهن اسان انهن جي احسانن ۽ ايترن حقن جو خيال رکندي، انهن کي پيار سان ڏسون، انهن کان پيار سان ڳالهايون ته اسان جو ڪهڙو خرچ ٿيندو؟ بلڪ ربّ ڪريم پنهنجي رحمت سان مقبول حج جو ثواب عطا فرمائيندو آهي. انهيءَ ڪري عادت بڻايو! وڌيڪ نه سهي گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو حديث پاڪ ذهن ۾ رکي ڪري چڱي نيت سان والدين جي پيار سان زيارت ڪرڻ جي عادت لازمي بڻايو!

(3)والدين جي قبر تي حاضري ڏيڻ

اهي اسلامي ڀائر جن جا والدين هن دُنيا ۾ ناهن رهيا، وفات ڪري ويا آهن، اهي سوچي رهيا هوندا ته اسان حج جو ثواب ڪيئن ڪمايون؟ اسان والدين جي زيارت ڪيئن ڪنداسين؟ انهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته گهٻرايو نه، اَلحَمۡدُلله! اسان جا  آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  رَحْمَۃٌ لِّلْعٰلَمِیْن آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪنهن کي به مَحۡرُوم ناهن ڇڏيندا، اهي ماڻهو جن جا والدين دنيا مان پردو مٽائي چڪا آهن، قبرن ۾ آرام ڪري رهيا آهن، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي به حج جو ثواب ڪمائڻ جو طريقو ٻڌايو آهي، جي ها! حديث پاڪ ٻڌو! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: