Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

مَنْ زَارَ  قَبْرَ اَبَوَیْہِ اَوْ اَحَدَہُمَا اِحْتِسَابًا کَانَ کَعَدْلِ حَجَّۃٍ مَبْرُوْرَۃٍ

ترجمو: جيڪو پنهنجي والدين، ٻنهي يا هڪ(جيڪي به وفات ڪري ويا هجن، انهن) جي قبر تي ثواب جي نيت سان وڃي، ان جو هي عَمل مقبول حج جي برابر آهي. )[1](

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، جنهن جا والدين حيات آهن، اهو پيار ڀري نظرن کان انهن جي زيارت ڪري، حج جو ثواب ماڻيندو ۽ جنهن جا والدين وفات ڪري ويا آهن، هاڻي به انهن وٽ موقعو موجود آهي، اهي والدين جي قبر تي وڃن، قبر جي زيارت ڪن، تڏهن به مقبول حج جو ثواب نصيب ٿي ويندو. انهي ڪري گهرجي ته اسان والدين جي زيارت ڪيون، جيڪڏهن اهي وفات ڪري ويا آهن ته قبر تي حاضري ڏيندا ڪيون، هي آسان ڪم چاهي ڏينهن ۾ 100 ڀيرا ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ! هر ڀيري حج جو ثواب ماڻينداسون.

(4) باجماعت نماز

پيارا اسلامي ڀائرو! حج جو ثواب ڏيارڻ وارن عملن مان هڪ نيڪ عمل باجماعت نماز پڙهڻ به آهي. حضرت ابواُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو گهر کان پاڪ ٿي ڪري جماعت سان فرض نماز پڙهڻ جي لاءِ ويندو آهي، ان جو ثواب احرام ٻڌڻ واري حاجي جيان آهي، ۽ جيڪو چاشت جي نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد جي طرف وڃي ان جو ثواب عمرو ڪرڻ واري جيترو آهي.)[2](    

هڪ ٻي روايت ۾ آهي: عشاء جي نماز باجماعت پڙهڻ هڪ حج جي برابر آهي، ۽ فجر جي نماز جماعت سان پڙهڻ عمري جي برابر آهي. )[3](

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ڳالھ آهي باجماعت نماز جي....!! هاڻي ڏسو! جيڪي حاجي مڪي


 

 



[1] نوادِرُ الْاُصُول، الاصل الخامس عشر، جلد:1، صفحہ:72۔

[2] ابو داود، کتاب الصلاۃ،باب فضل المشی الی الصلاۃ، صفحہ:102، حدیث : 558۔

[3] لطائف المعارف، وظائف شوال، المجلس الثالث،صفحہ:337۔