Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

الله پاڪ اسان سڀني کي حج ۽ عمرو ڪرڻ جي، ۽ مديني شريف ۾ هرهر، بااَدب حاضري جي سعادت نصيب فرمائي، ڪاش...! اسان مڪي وڃون، مديني جو سفر اختيار ڪيون، وري موٽي اچون، وري وڃون، ڪاش..! آخر مديني ئي ۾ 2 گز زمين جو ٽڪڙو نصيب ٿي وڃي.

مجھے مرنا ہے آقا گنبدِ خضرا کے سائے میں

وطن میں مَر گیا تو کیا کروں گا یارسولَ اللہ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حج ڪنهن تي فرض آهي...؟

اي عاشقانِ رسول! حج اسلام جي پنج بنيادي رڪنن مان هڪ اهم رُڪن آهي. ان جي متعلق ربّ ڪريم جو حڪم آهي:

وَ  لِلّٰهِ  عَلَى  النَّاسِ   حِجُّ  الْبَیْتِ  مَنِ  اسْتَطَاعَ  اِلَیْهِ  سَبِیْلًاؕ-  (سيپارو: 4، سورہ آلِ عمران: 97)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله جي لاءِ ماڻهن تي هن گهر جو حج ڪرڻ فرض آهي جيڪو ان تائين پهچڻ جي طاقت رکي ٿو.

 خبر پئي جيڪو شخص ڪعبي شريف تائين پهچڻ جي اِستطاعت رکي ٿو، ان تي حج فرض آهي. رسول اڪرم، نور مُجَسَّم صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّم  اِستطاعت جي تفسير زَاد ۽ رَاحِلَه سان ڪئي، رَاحله جو مطلب: سواري، زَاد جو مطلب: سفر جو خرچ. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: جنهن وٽ ايترو مال آهي جو گهر کان هلي ڪري مڪه مڪرمه پهچي، اتان جي رهائش جا اخراجات، اُتان کان واپسيءَ جا اخراجات ۽ جيترا ڏينهن حج تي لڳندا انهن ڏينهن جو گهر وارن جو خرچ ان وٽ موجود هجي، رستو به امن وارو  هجي ته ان تي حج فرض ٿي ويندو آهي.)[1](


 

 



[1] خزائن العرفان، پارہ:4، سورۂ آلِ عمران، تحت الآیۃ:97، صفحہ:126بتصرف