Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

100 حج جو ثواب

الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن صبح ۽ شام سؤ سؤ ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ! پڙهيو ته اهو 100 حج ڪرڻ واري جيان آهي.)[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ڪيترا آسان عمل آهن....!! حاجي حج تي وڃي رهيا آهن، انهن کي حج مبارڪ هجي، اسان نٿا وڃي سگهو، اسان ڪعبي جو طواف ڪرڻ، مزدلفه ۽ منيٰ ۽ عرفات ۾ قيام جون برڪتون ته نٿا لٽي سگهون، اسان کي هن مبارڪ سَفَر جي سعادت ته ميسر ناهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان هي ته ڪري ئي سگهون ٿا، روزانو صبح ۽ شام جو 100 ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ! پڙهون، اِنْ شَآءَ اللہُ! 100 حج جو ثواب نصيب ٿي ويندو. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(2)  والدين کي پيار سان ڏسڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! حج جو ثواب ڏيارڻ وارو ٻيو نيڪ عَمل آهي: والدين کي پيار واري نگاھ سان ڏسڻ. الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ جي طرف رحمت جي نظر ڪري ته الله پاڪ ان جي لاءِ هر نگاھ جي بدلي حَجّ مبرور(يعني مقبول حج) جو ثواب لکندو آهي. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم عرض ڪيو: جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ 100 ڀيرا نظر ڪري؟ فرمايائون: نَعَم، اللہ اَکْبَر وَ اَطْیَبُ  يعني ها! الله پاڪ سڀني کان وڏو ۽ سڀني کان وڌيڪ پاڪ آهي. )[2](

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيترو آسان عمل آهي، هونئن هي


 

 



[1] ترمذی،کتاب الدعوات، صفحہ:797، حدیث:3471۔

[2] شُعَبُ الْاِیمان ، باب فی بر الوالدین، جلد:6، صفحہ:186، حدیث:7856۔