Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، *ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ايندا اهي ئي آهن جن کي رحمٰن گهرائيندو آهي

حضرت علي بن  مُوَفِّق  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: مون حج جي سعادت  حاصل ڪئي، ڪعبي شريف جو طواف ڪيو، حجرِ اَسۡوَد کي چميو، 2 رڪعت طواف جي نماز پڙهي، پوءِ ڪعبي شريف جي ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويهي ڪري روئڻ لڳس ۽ الله ڪريم جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! مون تنهنجي پاڪ گهر جي آسپاس خبر ناهي ڪيترا ئي چڪر لڳايا پر مان نٿو ڄاڻان ته منهنجي هي محنت قبول ٿي آهي يا نه...!! اهڙي طرح روئندي روئندي مون کي ننڊ اچي وئي، مون هڪ غيبي آواز ٻڌو: اي علي بن مُوَفِّق! اسان تنهنجي ڳالھ ٻڌي ورتي آهي، ڇا تون پنهنجي گهر ۾ صِرۡف انهيءَ کي ناهين گهرائيندو جنهن سان تون محبت ڪندو آهين.)[1](

یاخُدا! حج پہ بُلا آ کے میں کعبہ دیکھوں!                                                     کاش! اک بار میں پِھر میٹھا مدینہ دیکھوں

پھر میسر ہو مجھے کاش! وقوفِ عرفات                                                        جلوہ میں مزدلفہ اور منیٰ کا دیکھوں


 

 



[1] الروض الفائق ، صفحہ:59۔