Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

کي جماعت ڇڏڻ پسند نه هو۔

الحمدللهجيڪي واقعي سچا عاشِقِ رسول آهن، اهي به سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي ۾ باجماعت نماز سان خوب محبت ڪندا آهن ۽ هر حال ۾ نماز باجماعت ئي پڙهڻ جو اهتمام ڪندا آهن۔ سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي باري ۾ منقول آهي ته هڪ ڀيري رَبيع الاول شريف ۾ ٻارهين شريف جي محفلِ پاڪ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ بيان فرمائڻ کان پوءِ شام جو سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شديد بيمار ٿي پيا، ان مَرض جي شِدَّت بيان ڪندي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خود فرمائن ٿا ته هن ڀيري ايترو بيمار ٿيس جو ان کان اڳ ڪڏهن نه ٿيو هيس، مون وصيت نامو به لکرائي ڇڏيو هو۔ ان مرض جي حاضِري جي دوران اهڙي نازُڪ حالت هئي جو مَسجِد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي گھر جي بلڪل ويجھو هئي، ان جي باوُجُود سندن هلي مَسجد حاضِر ٿي نه سگھندا هئا، پر قربان وڃجي! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي باجماعت نماز سان محبت صَد مرحبا! جو هن حال ۾ به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪا جماعت نه رهجي، توڙي جو هن حال ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي جماعت واجِب نه هئي پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اَفضَل تي عمل ڪندي پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ئي ۾ ادا ڪندا هئا، ان جي صُورت اها هوندي هئي ته چار ماڻهو ڪرسي تي ويهاري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي مسجد وٺي ايندا هئا ۽ نماز کان پوء واپس گھر وٺي ويندا هئا۔ (فتاویٰ رضویہ، جلد:9، صفحہ:547)

خدا کی  مَحبّت، نبی  کی  مَحَبَّت                                                                                                                 کے پیکر ہیں بے شک مِرے اعلیٰ حضرت

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سُبحٰنَ اللہاهو آهي سچو عشقِ رسول! اَفسوس! هاڻي عشقِ رسول جا صرف وڏا وڏا دعوا رهجي ويا آهن، افسوس! صحت جي باوجود ماڻهن جي جماعت