Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه  کان روايت آهي ته، حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: جيڪو صبح سوير مسجد ۾ ڀلائي سکڻ يا سيکارڻ جي ارادي سان هلندو، ان کي ڪامل حج ڪرڻ واري جو ثواب ملندو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! هي به ڪيترو پيارو عمل آهي...!! اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * اُن ۾ ٽي قرآني آيتون * ان جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌي، ٻڌائي ويندي آهي * فيضان سُنت مان درس ٿيندو آهي * شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي
* دعا ٿيندي آهي ۽ * آخر ۾ اشراق، چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن* اوهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ! کوڙ برڪتون ملنديون * حديث پاڪ جي مطابق حج جو ثواب نصيب ٿيندو * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي * سڄو ڏينهن سٺو گذرندو * صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو * شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو * انهن جي محبت دل ۾ ويهندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجُّھ ملندي * ايمان تازو ٿيندو * انهن جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ   پوريون ٿينديون * هڪ وڏي برڪت هي آهي ته فجر جي نماز کان اشراق جي نماز تائين مسجد ۾ رڪڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي اُن تي عمل جي سعادت ملي ويندي * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو فجر جي نماز کان پوءِ ذِڪۡرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق، چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باھ نه ڇهندي. )[2](

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد:4، صفحہ:248، حدیث:7346۔

[2] شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957