Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

سگهون*نمرود بدبخت سندن کي باھ ۾ وجهڻ جي جُرئت ڪئي، بلڪل انهيءَ وقت جڏهن سندن کي باھ ۾ وڌو پئي ويو، پاڻ عَلَيه السَّلَام جي دل ان وقت به مطمئن هئي، هي سندن ايمان جو شان آهي*پاڻ عَلَيه السَّلَام کي حڪم ٿيو: پنهنجي ننڍڙي شهزادي اسماعيل عَلَيه السَّلَام ۽ انهن جي والده سيده هاجره رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها کي رڻپٽ ۾ ڇڏي اچن! پاڻ عَلَيه السَّلَام دل جي اطمينان سان جلد ئي پنهنجي آل کي اتي ڇڏي آيا. هي سندن ايمان جو شان آهي * پاڻ عَلَيه السَّلَام کي پٽ جي قرباني جو حڪم ٿيو، پاڻ عَلَيه السَّلَام بي خوف پٽ جي نڙيءَ تي ڇري رکي ورتي، هي پاڻ عَلَيه السَّلَام جي ايمان جو شان آهي.

   ايترو مضبوط، ايترو ڪامل ۽ اڪمل ايمان هجڻ جي باوجود حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو شوق ڏسو! سندن ان مضبوط ترين ايمان کي اڃان وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش رکن پيا، الله ڪريم جي بارگاھ ۾ عرض ڪري رهيا آهن:

بَلٰی وَ لٰکِنْ لِّیَطْمَئِنَّ قَلْبِیْ ؕ

ترجمو ڪنز العرفان: ابراهيم عرض ڪيو: يقين ڇو نه آهي پر اهو (چاهيان ٿو) ته منهنجي دل کي قرار اچي وڃي. (سيپارو: 2، البقرة: 260)

   يعني اي الله پاڪ! تون مئلن کي زندھ فرمائيندين، ان تي منهنجو ڪامل ۽ اڪمل، مضبوط ترين ايمان آهي پر مان ان کان به اڳين درجي تي پهچڻ چاهيان ٿو، هن معاملي ۾ مونکي عِلمُ اليقين حاصل آهي، مان عينُ اليقين حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو، يعني پهريان وحيءَ جي ذريعي ڄاڻي ڪري ان تي ايمان رکان ٿو، هاڻي اکين سان ڏسي ڪري ان کان اڳين درجي تائين پهچڻ چاهيان ٿو. ([1])

   سُبۡحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو خوبصورت وصف آهي. ڪاش! هن پاڪيزه وصف جو فيضان اسان کي به نصيب ٿي وڃي، حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام ايتري مضبوط ايمان جي باوجود ان ۾ اڃان وڌيڪ


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:3، البقرہ، زیرِ آیت:260، جلد:3، صفحہ:78بتصرف۔