Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

  سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي به اهڙي حيا نصيب ڪري. ڪاش! نظرون هيٺ رکڻ جي عادت بڻجي وڃي.

آقا کی حیا سے جھکی رہتی نظر اکثر                                                                         آنکھوں پہ مِرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

گر دیکھے گا فلمیں تو قیامت میں پھنسے گا                                          آنکھوں پہ مِرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

آنکھوں میں سرِ حشر نہ بَھر جائے کہیں آگ                  آنکھوں پہ مِرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جون ڪجھ نصيحتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جا ڪجھ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اچو! پاڻ عَلَيه السَّلَام جون ڪجھ نصيحتون به ٻڌون ٿا:

عبادت ۽ تقويٰ جي نصيحت

   قرآن پاڪ ۾ آهي: حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام پنهنجي قوم کي فرمايو:

اعْبُدُوا اللّٰہَ وَ اتَّقُوْہُ ؕ

ترجمو ڪنز العرفان: الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کا ڊڄو.

(سيپارو: 20، العنڪبوت: 16)

   هي 2 ڳالهين جي نصيحت آهي: (1): الله پاڪ جي عبادت ڪيو! (2): تقويٰ اختيا ڪيو!

    ڪاش! اسان کي ٻنهي ڳالهين تي عمل جي سعادت نصيب ٿي وڃي*اسان الله پاڪ جي عبادت به ڪيون*خوب نمازون به پڙهون*ٿي سگهي ته نفل روزا به رکون*تلاوت به ڪيون*درودِ پاڪ به پڙهون*ذڪرُ الله به ڪثرت سان ڪيون*۽ الله پاڪ نصيب فرمائي، تقويٰ به اختيار ڪيون.