Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

سجدي ڪرڻ جون ٻه بهترين جايون

  الله پاڪ ان مبارڪ پٿر کي مصلّو(نماز جي جاءِ) بنائڻ جو حڪم ڏنو. مطلب ڇا آهي؟ يعني ڪعبي جي سامهون اهڙي جڳھ بيهي ڪري نماز پڙهو جو مقامِ ابراهيم توهان ۽ ڪعبي جي بلڪل وچ ۾ اچي. ([1]) طواف جا جيڪي نوافل هوندا آهن، اهي هن جڳھ بيهي ڪري پڙهڻ مُسۡتَحب آهي.

حضرت عبدُ الله بن عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:

خَیْرُ  الْمَسْجِدِ خَلْفَ الْمَقَامِ وَ عَنْ یَمِیْنِ الْاِمَامِ

   يعني پوري زمين تي سجدو ڪرڻ جي لاءِ ٻه بهترين جايون آهن: (1): مقامِ ابراهيم جي پٺيان (2): (جڏهن اسان جماعت سان نماز پڙهون ته) امام صاحب جي ساڄي طرف. ([2])

ڇا ته ڪرم ڪيو تنهنجي ياد...!!

  سُبۡحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! مقامِ ابراهيم جيڪو هڪ پٿر آهي، ان مبارڪ پٿر کي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام سان هڪ نسبت آهي، تنهنڪري بلڪل نماز جي حالت ۾ ان پٿر جي تعظيم ڪرڻ يعني ان کي مصلو(نماز جي جاءِ) بنائڻ جو حڪم ڏنو ويو. سوچڻ جي ڳالھ آهي، جڏهن نماز جي حالت ۾ هڪ پٿر جي تعظيم ڪرڻ سان نماز ۾ ڪو نُقص نه ٿو اچي، نماز ٽُٽندي نه آهي، ان ۾ ڪا گهٽتائي ناهي ايندي بلڪه نماز مڪمل ٿي ويندي آهي ته پوءِ خود انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام بلڪه نبين جي امام، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خيال اچڻ سان نماز ۾ خلل ڪيئن ايندو...؟ سچ اهو ئي آهي ته نماز جي حالت ۾ نبي جي تعظيم جو خيال اچڻ سان نماز ٽٽندي ناهي بلڪه ڪامل و


 

 



[1]...صاوی علی جلالین، پارہ:1، البقرہ، زیرِ آیت:125، جز:1، جلد:1، صفحہ:109 ۔

[2]...اخبار مکۃ للفاکھی، جلد:1، صفحہ:466، حدیث:1027۔