Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

ہر ہر گھڑی ہے اس کی عِزّ و فَضَل میں یکتا                                                       بادَل کرم کا چھایا، ماہِ حرام آیا

بڑھتی ہیں اس میں قَدْرَیں نیکی کی یاد رکھنا!                                                                       کرنا نہ وقت ضائع، ماہِ حرام آیا

   اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪهڙا پيارا ۽ فضيلت وارا ڏينهن آهن* ڪهڙيون عظيم راتيون آهن*انهن ڏينهن ۾ هڪ نيڪي جو ثواب 700 ڀيرا وڌايو ويندو آهي*انهن ڏينهن ۾ نيڪي ڪرڻ افضل نيڪي آهي*انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ 1 سال جي روزن جي برابر آهي*انهن ڏينهن جي راتين ۾ قيام ڪرڻ (يعني جاڳي ڪري عبادت ڪرڻ) شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ جي برابر آهي.

پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نفلي روزا رکندا هئا

   مسلمانن جي پياري امڙ حضرت حفصه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون: نبي پاڪ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  عشرهءِ ذِي الحج  ۾ پابندي سان نفل روزا رکندا هئا.[1]

   خيال رهي ته! عشرهءِ ذِي الحج جي روزن جو مطلب آهي: ذوالحج جي شروعاتي 9 ڏينهن جا روزا آهن باقي 10 ذوالحج (يعني عيدُ الاضحيٰ) جو روزو رکڻ جائز نه آهي.

   ڪاش! اسان به نيڪين جا لالچي بڻجي وڃون*اسان جا پيارا آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عشرهءِ ذوالحج جا روزا رکندا هئا، ڪاش! اسان به مصطفيٰ جي ادا کي ادا ڪرڻ جي لاءِ نفلي روزا رکون*نمازون پڙهون *عبادت ڪيون جو اها ئي ڪمائي قبر ۽ حشر ۾ ڪم اچڻي آهي، باقي سڀ ئي ته هتي ڇڏي وڃڻو آهي، ان ڪري نيڪين جي لالچ وڌائڻ گهرجي، عشرهءِ ذوالحج جي هڪ نيڪي 700 ڀيرا وڌائي ويندي آهي، تنهنڪري ان موقعي جو فائدو کڻون ۽ خوب نيڪيون ڪيون. الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي رضا وارن ڪمن ۾ مصروف رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمین بِجاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...صحیح ابن حبان، کتاب التاریخ، صفحہ:1703، حدیث:6422۔