Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

مضبوطي جي خواهش رکن ٿا، ڪاش! اسان کي پنهنجي ڪمزور ايمان کي مضبوط ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي.

هڪ مسلمان جي اهم ترين ذميداري

  هي ڳالھ ذهن ۾ رکو! هڪ مسلمان تي جيڪي بنيادي ذميداريون آهن، انهن مان هڪ نهايت ئي اهم ذميداري پنهنجي ايمان کي مضبوط ڪرڻ آهي ۽ اڄوڪي دور ۾ هن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هاڻي اهو دور هلي رهيو آهي، جنهن جي متعلق حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: هڪ زمانو ايندو، ماڻهو صبح جو مومن شام جو ڪافر هوندو ۽ شام جو مومن ته صبح جو ڪافر هوندو.

     هاءِ افسوس! هر جڳھ تي فتنا ٿي رهيا آهن، روزانو نوان نوان فتنا اٿي رهيا آهن ۽ وڌيڪ خطري جي ڳالھ هي آهي ته هي فتنا هر هڪ جي پهچ ۾ آهن. اڳوڻي دور ۾ فتنا گهٽ هئا ۽ حالت هيءَ هئي جو هڪ ملڪ يا شهر ۾ فتنو اٿندو هو ته ٻين علائقن ۾ ان جي خبر پهچندي پهچندي ڪيئي مهينا ۽ سال لڳي ويندا هئا پر هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ڪافي ترقي ڪئي آهي، هاڻي حالات اهڙا آهن جو دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪو فتنو اٿندو آهي، ڪجھ سيڪنڊ لڳندا آهن جو ٻي ڪنڊ تائين ان جا اثرَ پهچي ويندا آهن.

   هي نهايت حيراني جي ڳالھ آهي. اڳين زماني ۾ فتنا گهٽ هئا پر ايمان جو فڪر وڌيڪ هو پر افسوس! اڄ فتنا گهڻا آهن، ايمان لٽجي وڃڻ جا موقعا وڌي ويا آهن پر ايمان بچائڻ جو فڪر تمام گهٽ ٿي ويو آهي.

   اي عاشقانِ رسول! اسان وٽ  سڀ کان وڏي دولت ايمان آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي ۽ هيءَ حفاظت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ ايمان کي مضبوط ڪري...!! جڏهن ڪُرونا وائرس آيو هو ته ڊاڪٽر حضرات چوندا هئا: پنهنجو مدافعتي نظام (Immune System) مضبوط ڪري وٺو، ڪُرونا کان ڪافي حد تائين حفاظت ٿي ويندي.

   يعني مُدافعتي نظام جيترو مضبوط هوندو، ماڻهو اوترو ئي وائرس ۽ ٻين