Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

ذوالحج جي ڏهاڪي ۾ عبادت جي فضيلت

   الحمدلله! عنقريب ذُوالْحِجَّۃُ الْحَرَام تشريف وٺي اچڻ وارو آهي، هي عبادت جو مهينو آهي. ان جون شروعاتي 10 راتيون فضيلت واريون آهن.* حضرت عبدُ الله بن عباسرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمد عربيصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:

مَا مِنْ اَيَّامٍ اَلْعَمَلُ الصَّالِحُ فِيهَا اَحَبُّ اِلَى اللَّهِ مِنْ هٰذِهِ الْاَيَّامِ

ترجمو: ڪو ڏينهن اهڙو نه آهي جو جنهن ۾ نيڪ عمل ڪرڻ الله پاڪ وٽ، انهن 10 ڏينهن کان وڌيڪ محبوب هجي.[1]

   يعني عام ڏينهن ۾ نيڪي ڪئي وڃي اها به الله پاڪ کي پياري آهي، عام ڏينهن ۾ نيڪي ڪرڻ به وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي پر عام ڏينهن جي مقابلي ۾ عشرهءِ ذوالحج (يعني ذوالحج جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾) نيڪي ڪرڻ الله پاڪ وٽ نهايت محبوب آهي. هڪ روايت ۾ آهي:

وَالْعَمَلُ فِيهِنَّ يُضَاعَفُ سَبْعُ مِئَةِ ضِعْفٍ

ترجمو: انهن 10 ڏينهن ۾ نيڪي جو ثواب 700 ڀيرا وڌايو ويندو آهي.[2]

ترمذي شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي: مَا مِنْ أَيَّامٍ أَحَبُّ إِلَى اللَّهِ أَنْ يُتَعَبَّدَ لَهُ فِيهَا مِنْ عَشْرِ ذِي الحِجَّةِ  يعني عشرهءِ ذوالحج ۾ عبادت ڪرڻ الله پاڪ وٽ عام ڏينهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ محبوب آهي يَعْدِلُ صِيَامُ كُلِّ يَوْمٍ مِّنْهَا بِصِيَامِ سَنَةٍ انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن جو روزو هڪ سال جي روزن جي برابر آهي وَقِيَامُ كُلِّ لَيْلَةٍ مِّنْهَا بِقِيَامِ لَيْلَةِ القَدْرِ ۽ انهن ڏينهن جي هر رات جو قيام (يعني جاڳي ڪري عبادت ڪرڻ) شبِ قدر جي قيام برابر آهي.[3]


 

 



[1]...ابو داؤد، کتاب الصوم، باب فی صوم العشر، صفحہ:390، حدیث:2438۔

[2]...شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:356، حدیث:3757۔

[3]...ترمذی،کتاب الصوم، باب ما جاء فی العمل، صفحہ:211، حدیث:758۔