Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

لقب آهي: اَبُو الضَّیْفَان يعني مهمان نوازي ڪرڻ وارا.[1] حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو حُليو مبارڪ ۽ ظاهري شڪل و صورت تاجدارِ انبيا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ملندي هئي، ايستائين جو پياري آقا، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام کي ڏسڻو هجي ته پنهنجي صاحب (يعني مُحمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ) کي ڏسي وٺو...!![2]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي مقامن تي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پاڻ عَلَيه السَّلَام جا اوصاف ۽ ڪمالات، سندس معجزا، سندن اطاعت و فرمانبداري ۽ محبتِ الاهي وغيره جا ڪيئي حسين ۽ خوبصورت واقعا به قرآنِ پاڪ ۾ بيان ٿيا آهن. اچو پاڻ عَلَيه السَّلَام جي سيرتِ پاڪ جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا ۽ انهن مان سبق حاصل ڪيون ٿا:

چئن پکين جو قرآني واقعو

   روايت آهي: حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام هڪ ڀيري سمنڊ جي ڪناري کان گذري رهيا هئا، سندن ڏٺائون ته هڪ لاش پيو آهي، حالت هي آهي جو سمنڊ جون مَڇون ان کي کائي رهيون آهن ۽ پکي به ان جو گوشت کائي رهيا آهن. هي ڏسي ڪري حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام کي حيرت ٿي.

  هونئن ته حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو ايمان ۽ يقين ڪيترو مضبوط هو، ان باري ۾ ته ڪجھ ڪلام ٿئي نه ٿو سگهجي، سندن جهڙو ڪامل ايمان ڀلا ڪنهن کي نصيب ٿيندو...؟ هيءَ صرف هڪ حيراني هئي ته هن لاش جا کوڙ ٽڪرا ٿي ويا آهن، هن جو ڪجهه گوشت مڇين جي پيٽ ۾ هليو ويو، ڪجھ پکين جي پيٽ ۾ هليو ويو، ڪجھ پاڻي لڳڻ سبب سڙي ويو، هي هڪ لاش


 

 



[1]...حلیۃ الاولیاء، عکرمہ مولی ابن عباس، جلد:3، صفحہ:385، حدیث:4361۔

[2]...بخاری، کتاب:احادیث الانبیاء، باب:واتخذاللہ ابرہیم خلیلا، صفحہ:856، حدیث:335۔