Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

زندگي ۾ نکار اچي ويندو آهي*جديد سائنسي تحقيقات جي مطابق ڪتاب پڙهڻ سان دماغي بيمارين کان حفاظت ٿيندي آهي.

   هر هفتي پابندي سان هفتيوار رسالو پڙهڻ جي نيت ڪري وٺندا، شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هفتيوار رسالو پڙهڻ وارن کي مختلف دعائن سان نوازيندا آهن، اسان هفتيوار رسالو پڙهون ته ڪهڙي خبر الله پاڪ جي نيڪ ٻانهي، ڪامل ولي جي زبان مان نڪتل دعا اسان جي حق ۾ قبول ٿي وڃي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ٻيڙو پار ٿي وڃي.

 صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اکين جي حفاظت جو ذهن بڻجي ويو

   حيدرآباد (پاڪستان) جي اسلامي ڀاءَ جو بيان ڪجھ هن طرح آهي ته تقريبًا 2004ء جي ڳالھ آهي حيدرآباد کان لاهور وڃڻ جي لاءِ. سفر دوران هڪ اسلامي ڀاءَ سان ملاقات ٿي جيڪو مسافرن کي ڪِرائي تي وهاڻا ۽ چادرون ڏيندو هو، مون انهن تي انفرادي ڪوشش ڪندي اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو رسالو امرد پسندي جون تباھڪاريون تحفي ۾ پيش ڪيو.

    تقريباً هڪ مهيني کان بعد جڏهن ٻيهر حيدرآباد کان لاهور وڃڻ ٿيو ته روهڙي اسٽيشن تي اهو نوجوان مونکي ٻيهر نظر آيو. ان اڳتي اچي ڪري سهڻي انداز ۾ ملاقات ڪئي زبردستي ٽرين ۾ ٺهيل ڪينٽين ۾ وٺي ويو. اتي ان مونکي چانھ پيش ڪئي ۽ چوڻ لڳو: اوهان جيڪو مونکي رسالو ڏنو هو، خدا جو قسم ان کي پڙهي ڪري مونکي روئڻ اچي ويو ۽ هاڻي به جڏهن هي رسالو پڙهندو آهيان ته منهنجا ڳوڙها وهڻ لڳندا آهن. ٽرين ۾ نظرن جي حفاظت نهايت مشڪل آهي. پر رسالو پڙهڻ کان بعد، مان ڪوشش ڪندو آهيان ته منهنجي نظر ڪنهن غير محرم تي نه پئجي.