Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

بيمارين کان محفوظ رهندو آهي، اهڙيءَ طرح اڄوڪي هن فتنن واري دور ۾ اسان کي ايمان جي حفاظت ڪرڻي آهي ته ان جي لاءِ پنهنجو مدافعتي نظام مضبوط ڪرڻو پوندو، يعني ايمان کي ايترو پڪو ڪيون، ايترو پڪو ڪيون جو چاهي ڪير ڪيترو به زور لڳائي پر اسان جو ايمان ڪڏهن به ڪمزور نه ٿي سگهي. ائين ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ايمان جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.

ايمان مضبوط ڪيئن ڪيون؟

  هاڻي سوال هي آهي ته ايمان مضبوط ڪيئن ڪرڻو آهي؟ ڏسو! حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام نهايت بُلند رتبي وارا آهن، هي سندن جو ئي شان آهي جو پاڻ عَلَيه السَّلَام مُئل زندھ ڏسڻ جي خواهش فرمائي ته الله پاڪ سندن کي اهي ڏيکاريا * اسان جي لاءِ مئل قبرن مان اٿي ڪري نه بيهندا * اسان کي چنڊ ٽڪرا ڪري نه ڏيکاريو ويندو * اسان کي سج واپس موٽائي ڪري نه ڏيکاريو ويندو * يعني هاڻي ڪو نئون نبي نه ايندو، اسان کي معجزا نه ڏيکاريا ويندا. اسان کي پنهنجي مرتبي جي مطابق هلڻو آهي، پاڻ ئي پنهنجي ايمان کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڪيئن ڪرڻي آهي؟

   الحمد لله! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جي هر لحاظ کان رهنمائي عطا فرمائي آهي، توهان مبارڪ حديثون پڙهو! ايمان مضبوط ڪرڻ جا کوڙ طريقا ٻڌايا ويا آهن. حديثِ پاڪ ۾ آهي:

لَا یُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّیٰ اَکُوْنَ اَحَبَّ اِلَیْہِ مِنْ وَّالِدِہٖ وَ وَلَدِہٖ وَ النَّاسِ اَجْمَعِیْن

ترجمو: توهان مان ڪوبه ان وقت تائين ڪامل ايمان وارو نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين مونکي پنهنجي والدين، اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبوب نه بڻائي وٺي. ([1])


 

 



[1]... بخاری، کتاب بدء الایمان، باب حب الرسول من الایمان، صفحہ:74، حدیث:15۔