Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

اي عاشقانِ رسول!  سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو ٿا! مثلاً نيت ڪريو: * نگاهون جهڪائي ڪري توجھ سان بيان ٻُڌندس *  ضرورت مطابق سرڪِي ڪري ٻين جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس *  بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس. * هٿ ملائيندس. ۽ * نيڪي جي دعوت پيش ڪندس.  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

7 ٻڪرين وارو کوھ

  پيارا اسلامي ڀائرو! بِئۡرِ سَبَع هڪ تاريخي شهر آهي. فلسطين جي ويجهو آهي. هاڻي ته هي تمام وڏو شهر بڻجي ويو آهي، اَڳوڻي زماني ۾ هي تمام ننڍو ڳوٺ هوندو هو.

  عربي ۾ بِئر کوھ کي چوندا آهن ۽ سَبَع جي معنيٰ آهي: 7 (ڳڻپ وارا 7 جيڪي 6 کان بعد ايندا آهن) هن مقام کي بِئر ڇو چيو ويندو آهي؟ هن باري ۾ مختلف روايتون آهن. هڪ روايت ۾ آهي ته الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام کي جڏهن باھ ۾ وجهڻ وارو واقعو پيش آيو، ته باھ سندن جي لاءِ ٿڌي ۽ گلزار بڻجي وئي، ان واقعي کان بعد سندن پنهنجي علائقي بابِل کان هجرت ڪئي ۽ مِصر کان گذرندي، ان جڳھ پهتا جنهن کي هاڻي بِئۡرِ سَبَع چيو ويندو آهي. ان وقت حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي جواني واري عمر هئي. اتي الله پاڪ کين کوڙ سارو مال عطا فرمايو، سندن وٽ مويشي (ڳئون، مينهن، ٻڪريون وغيره) تمام گهڻا ٿي ويا. اتان جا ماڻهو کيس شيخِ صالح (يعني نيڪ بزرگ) چئي ڪري پڪاريندا هئا. ٿيو ڪجھ هيئن جو ان علائقي جي ماڻهن سندن جي بي ادبي ڪئي ۽ چيائون: توهان هتان هليا وڃو! حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام پنهنجو سامان ۽