Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

پسند آهي، اها ئي پنهنجي مسلمان ڀائرن جي لاءِ پسند ڪرڻ لڳي وڃون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان مضبوط ٿي ويندو. هي ڪجھ حديثون مون عرض ڪيون آهن، انهن کان علاوه کوڙ حديثون آهن، جن مان اسان کي ايمان مضبوط ڪرڻ جا طريقا ملن ٿا، انهن کي پڙهو، سکو، انهن تي عمل ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان مضبوط ٿيندو، فتنن کان حفاظت نصيب ٿي ويندي.

ہر دَم ابلیس پیچھے لگا ہے                                                                                               حِفْظِ ایمان کی التجا ہے

ہو کرم اَمَنِ روزِ جزا کی                                                                                                            میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے

رُوح عطّار کی جب جُدا ہو                                                                                              سامنے جلوۂ مصطفےٰ ہو

ان کے قدموں میں اس کو قضا کی                                                       میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام  ۽ حيا

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي پيارن پيارن وصفن مان هڪ  وصف حيا به آهي. صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام نهايت ئي حيا وارا هئا. ايتري حيا فرمائيندا هئا جو زمين کين پردي واري مقامن کي ڏسي، کين اهو به پسند نه هو، جيئن ته پاڻ عَلَيه السَّلَام  الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائون ته الله پاڪ جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام  کي موڪليو، کين جنت مان هڪ ڪپڙو کڻي آيا ۽ عرض ڪيائون: پنهنجي گهرواري  حضرت ساره رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها کي فرمايو ته هن جو پاجامو سلائي ڪن. حضرت ساره ٻڌايل طريقي جي مطابق پاجامو سلائي ڪيو. جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جن پاتو ته خوش ٿي ويا ۽ فرمايائون: هي پردي جي لاءِ ڪيترو چڱو آهي. ([2])


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:124، 125۔

[2]...  الانس الجلیل، جلد:1، صفحہ:129۔