Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

12 ديني ڪم مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو

   پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ خدا حاصل ڪرڻ، نيڪين واري زندگي گذارڻ، الله پاڪ جي عبادت ۽ نيڪ اعمال جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان هر وقت وابسته رهو، 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو به آهي:

    سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلْعِلْمُ بِالتَّعَلُّمِ علم سکڻ سان ايندو آهي[1] *موجوده دور جي برائين مان هڪ وڏي برائي هي به آهي ته ماڻهو علمِ دين کان پري ٿيندا پيا وڃن ديني ڪتابن جي پڙهڻ جو شوق نه هجڻ جي برابر آهي*اڳوڻي زماني جا ماڻهو ديني ڪتابن سان ڏاڍو شوق رکندا هئا *رات ڏينهن ڪتاب پڙهندا هئا*تنهنڪري انهن وٽ ديني معلومات به گهڻي هوندي هئي ۽*زندگي به پاڪيزه رهندي هئي.

   *الحمد لله! *عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي گهر گهر علمِ دين جي روشني پهچائي رهي آهي*بانيءِ دعوتِ اسلامي شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي خاصيت آهي ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به علمِ دين جا شوقين آهن ۽ عاشقانِ رسول کي به ديني ڪتابَ پڙهڻ جو شوق ڏياريندا آهن*سندن هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جو فرمائيندا آهن*مختصر رسالو هوندو آهي* ڪجھ منٽن ۾ ئي پڙهيو ويندو آهي.

  *توهان به پڙهندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو*ديني معلومات به وڌندي*علمِ دين سکڻ جو ثواب ملندو*ديني ڪتاب پڙهڻ سان دماغ به کلندو آهي*نظر وسيع ٿيندي آهي*حڪمت ملندي آهي*سوچ پاڪيزه ٿيندي آهي*۽


 

 



[1]... بخاری ، صفحہ:90، حدیث:67۔