Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي عظيمُ الشان حيا آهي...!! الله پاڪ اسان کي به حيا نصيب فرمائي. اڄ ڪلھ حيا تمام گهٽ ٿي وئي آهي *اڪثر گهرن ۾ باقاعده اسلامي پردي جو رواج نه آهي غير مَحۡرَمن مثال طور سؤٽن، ماروٽن، ماساتن، وغيره سان سرعام گفتگو، کلَ ڀوڳ وغيره ڪئي ويندي آهي * پوءِ شادي وغيره جي موقعي تي تمام گهڻي بي حيائي ڪئي ويندي آهي،*انٽرنيٽ وغيره جي ذريعي فحاشي ۽ بي حيائي واريون شيون ڏٺيون وينديون آهن*نامناسب ويب سائٽس جو استعمال ڪيو ويندو آهي*گنديون گنديون ڳالهيون ڪرڻ*گنديون شيون ڏسڻ*بُرا خيالات سوچڻ وغيره هي سڀ عام ٿي رهيو آهي.

  الله پاڪ اسان کي حيا جي دولت نصيب فرمائي. ياد رکو! حيا به ايمان کي مضبوط ڪرڻ وارو وصف آهي. نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بيشڪ حيا ۽ ايمان ٻئي مليل آهن فَاِذَا رُفِعَ اَحَدُہُمَا رُفِعَ الْآخَرُ يعني جڏهن انهن مان هڪ هليو وڃي ته ٻيو به هليو ويندو آهي. (جامع صغیر، حدیث:2483)

   مطلب هي آهي ته حيا جيتري گهٽ هوندي، ايمان اوترو ئي ڪمزور هوندو آهي ۽ حيا جيتري گهڻي هوندي، ايمان اوترو ئي مضبوط ٿي ويندو آهي.

(فیض القدیر، جلد:2، صفحہ:326)

اُٹھے نہ آنکھ کبھی بھی گناہ کی جانِب                                                      عطا کرم سے ہو ایسی مجھے حیا یارَبّ!

کسی کی خامیاں دیکھیں نہ میری آنکھیں اور                سُنیں نہ کان بھی عیبوں کا تذکرہ یارَبّ!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه جي حيا

  پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ 21 ذوالقعده آهي. اڄوڪي ڏينهن مرحوم رڪنِ شوريٰ، محبوبِ عطار حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه جو وصال ٿيو هو*حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه نهايت ئي نيڪ طبيعت هئا*نيڪ اعمال