Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

تي تمام گهڻي استقامت رکندا هئا*عاشقِ رسول به ڪمال جا هئا ۽*مُرشد جي محبت ته انهن جي دل ۾ ائين سمايل هئي جو فَنَا فِی الْمُرْشِد هئا يعني پير صاحب جي محبت ۾ ڄڻ ته ٻُڏل هئا الحمد لله! حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه به نهايت حيا وارا هئا.

ايئرپورٽ تي نگاھن جي حفاظت

   هڪ ذميدار اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: هڪ ڀيري مونکي حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه سان بَمبَئي جو سفر ڪرڻ جو موقعو مليو، سڄي رستي ۾ انهن نگاهون جهڪائي رکيون، حالانڪه جهاز ۾ بي پردگي ۽ وري ائيرپورٽ تي اِمِيگريشن جي معاملات جي وقت ڪائونٽر تي عورتون به هيون پر بَمبَئي ائيرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ انهن ترغيب طور فرمايو: الحمدلله! ڪراچي کان هتي پهچڻ تائين هڪ به عورت تي منهنجي نظر ناهي پئي.

 (محبوبِ عطّار کی 122 حکایات، صفحہ:53)

بار بار اکيون بند ڪري وٺندا هئا

  حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه بيمار هئا، ڪيئي ڀيرا اسپتال کڻي وڃڻو پيو، مختلف اسلامي ڀائرن جو بيان آهي ته اسان جڏهن به حاجي زم زم عطاري رَحۡمَةُ الله عليه کي اسپتال کڻي ويندا هئاسين ته اهي اڪثر پنهنجون اکيون بند ڪري وٺندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: اسپتال ۾ نَرسون و غيره هونديون آهن، مان ڊڄان ٿو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن تي نگاھ پئجي وڃي ۽ انهي حالت ۾ موت اچي وڃي. رڪنِ شوريٰ حاجي علي عطاري فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسپتال ۾ مان انهن جي عيادت جي لاءِ موجود هئس، مون ان دوران ڏٺو ته باربار اکيون بند ڪري رهيا آهن. جيئن ته مون انهن کان اجازت گهري ته آرام ڪيو! مان هلان ٿو. فرمايائون: توهان ترسو! مونکي ننڊ نه ٿي اچي بلڪه نرسن جي سامهون اچڻ جي انديشي سبب اکيون بند ڪري رهيو آهيان ته جيئن انهن تي نگاھ نه پئجي.(محبوبِ عطّار کی 122 حکایات، صفحہ:52)