Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

پنهنجي امت کي فرمايو ته جنت پاڪ ۽ سرسبز زمين آهي ۽ خالي ميدان جي صورت آهي. بيشڪ هتان جا باغات سُبْحٰنَ اللہ! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ  ۽ اَللہُ اَکْبَر   آهن.

 (الانس الجلیل، جلد:1، صفحہ:130)

   يعني جنّت جي زمين خالي آهي، ٻانهو سُبْحٰنَ اللہ! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ ۽ اَللہُ اَکْبَر چوندو آهي ته ان جي لاءِ وڻ لڳندا رهندا آهن. تنهنڪري اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي امت کي فرمايو! هنن ڪلمن جو ڪثرت سان ذڪر ڪندا ڪن ته جيئن جنت ۾ انهن جي لاءِ وڌ کان وڌ باغات لڳندا رهن.

   ماشآء الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي پياري نصيحت آهي. ڪوشش ڪيو! ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ جي عادت بڻايو! هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ ۾ ڪيتري دير لڳندي آهي، ڪڏهن گهڙي جو خيال ڪندي (مثال طور Stopwatch هلائي ڪري) ڏسندا! هڪ سيڪنڊ ۾ ٻه ٽي ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ آساني سان پڙهي سگهجي ٿو. يعني صرف سيڪنڊن جو ڪم آهي ۽ ان جو اجر ڪيترو آهي؟ هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ سان جنت ۾ هڪ وڻ لڳي ويندو آهي. الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. اٰمین بِجاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

میری زبان تَر رہے ذِکْر و دَرُود سے                                          بےجا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضُول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

قرباني جي فضائلن تي حديثون

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! سنتِ ابراهيمي يعني قرباني جا ڏينهن به ويجهو آهن. قرباني ڪرڻ وڏي ثواب جو ڪم آهي، الله پاڪ جي رضا وارو ڪم آهي، ان جي صدقي الله پاڪ جو قرب نصيب ٿيندو آهي، قرباني ڪرڻ سنتِ ابراهيمي آهي، قرباني ڪرڻ انبيا جي سنت آهي ۽ قرباني ڪرڻ محبوبِ خدا، احمد