Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

مال مويشي ڪاهي حِبرون (نالي شهر جنهن کي هاڻي اَلۡخَليل چوندا آهن، اتي) تشريف وٺي ويا.

   حقيقت هي آهي ته انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي بي ادبي کي هي حضرات جيتوڻيڪ پاڻ معاف فرمائي ڇڏين پر الله پاڪ بي ادبن کي سزا ضرور ڏيندو آهي. بِئۡرِ سَبَع جي ماڻهن کي به سزا ڏني وئي، واقعو ڪجھ هيئن ٿيو جو حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي هليو وڃڻ کان بعد جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ٻڪرين کي ڪاهي کوھ تي پهتا ته ڇا ٿا ڏسن ته سڀني کوهن جو پاڻي سُڪي ويو آهي، انهن ۾ هڪ ڦڙو به پاڻي جو موجود ناهي. ڏاڍو پريشان ٿيا. سمجهي چڪا هئا ته اسان شيخِ صالح يعني حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي جيڪا بي ادبي ڪئي آهي، هي انهيءَ جي سزا آهي. جيئن ته اهي ماڻهو حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، پنهنجي بي ادبي جي معافي گهري ۽ عرض ڪيائون: حضور! اوهان واپس تشريف کڻي اچو! حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جن فرمايو: مان هاڻي واپس ته نه ايندس البت! توهان منهنجون 7 ٻڪريون ڪاهي وڃو! هڪ هڪ ٻڪريءَ کي هڪ هڪ کوھ جي ڀرسان بيهارجو پاڻي نڪري ايندو.  

   هاڻ اهي ماڻهو 7 برڪت واريون ٻڪريون ڪاهي ڪري واپس آيا، جيئن ئي انهن ٻڪرين کي کوھن جي ڀرسان بيهاريو، انهيءَ وقت کوھَن ۾ پاڻي ظاهر ٿيڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. انهيءَ سبب هن مقام جو نالو بِئۡرِ سَبَع (يعني ستن ٻڪرين وارو کوھ) مشهور ٿي ويو. (الانس الجلیل، جلد:1، صفحہ:110)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

تبرڪات جي برڪت

   سُبۡحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو...!! سندن ٻڪرين جي برڪت سان کوھَ پاڻي سان ڀرجي ويا...!! واھ سُبۡحٰنَ الله!

   هتي غور ڪندا! انبياءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام، الله پاڪ جو قرب رکڻ وارن