Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

ٻانهن جي تبرڪات ۾ ڪيتري طاقت هوندي آهي...!!*انهن تبرڪات جي برڪت سان مشڪلاتون ٽَري وينديو آهن*پريشانيون حل ٿي وينديون آهن* دلين کي سڪون ملندو آهي*بيماريون دور ٿينديون آهن* الله پاڪ جي عذاب کان پناھ نصيب ٿيندي آهي*انهن تبرڪات جي تعظيم جي ڪري دلين ۾ تقويٰ پيدا ٿيندو آهي* ۽ انهن تبرڪات جي برڪت سان ايمان تازو ٿيندو آهي.

مقامِ ابراهيم کي مصلّو(نماز جي جاءِ)

 بنائڻ جو حڪم

   خاص ڪري حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام سان نسبت رکڻ واريون شيون، سندن تبرڪات...!! انهن جي تعظيم جو ته قرآنِ پاڪ ۾ به باقاعده حڪم ڏنو ويو آهي. ارشاد ٿئي ٿو:

وَ اتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰہٖمَ مُصَلًّی ؕ

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ (اي مسلمانو!) توهان ابراهيم جي بيهڻ جي جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو. (سيپارو: 1، البقرة 125)

 مقامِ ابراهيم ڇا آهي؟ هڪ پٿر آهي، حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جڏهن ڪعبي شريف جي تعمير فرمائي رهيا هئا، جڏهن ڪعبي جون ڀتيون مٿي ٿيون ته سندن ان پٿر تي بيٺا، هي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو معجزو هو جو جيئن جيئن ڀتيون مٿي ٿينديون وينديون هيون، اهو پٿر پاڻ ئي مٿي ٿيندو ويندو هو، پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام هيٺ لهڻ چاهيندا هئا ته هيٺ ٿي ويندو هو. ([1])   اهو پٿر به بي مثال آهي جو ان حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي قدمن جا نشان پنهنجي مٿان محفوظ ڪري ورتا آهن، اڄ صديون گذري ويون آهن، هاڻي به کين قدمن جا نشانَ ان تي موجود آهن.


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی، پارہ:1، البقرہ، زیرِ آیت:125، جلد:1، صفحہ:631 مطبوعہ مکتبہ اسلامیہ لاہور ۔