Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

   الحمد لله! عاشقانِ رسول جو هي سچو عقيدو آهي ته الله پاڪ جا نبي به زندھ آهن، تمام اولياءِ ڪرام به الله پاڪ جي عطا سان، پنهنجي پنهنجي مزارن ۾ زندھ آهن، جڏهن انهن مئل پکين کي پڪارڻ شرڪ ناهي ته*يا صديق!*يا عُمر!*يا عُثمان!*يا علي! چوڻ ڇو شرڪ هوندو؟*يا غوثِ پاڪ چوڻ*يا داتا چوڻ*يا خواجه چوڻ*يا احمد رضا چوڻ ڪيئن ٿو شرڪ ٿي سگهي؟ يقيناً انبياءِ ڪرام کي، اولياءِ ڪرام کي، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کي دنيا مان وڃڻ کان بعد به پڪارڻ هرگز شرڪ ناهي بلڪه ساڍن 14 صدين کان اهلِ حق عاشقانِ رسول جو سچو عقيدو آهي. اسان الحمد لله! يارسول الله چوڻ وارا آهيون، اسان يارسول الله جو نعرو هڻندا هئاسين، هڻندا آهيون ۽ هڻندا رهنداسين.

یارسولَ اللہ! کے نعرے سے ہم کو پیارہے                         جس نے یہ نعرہ لگایا، اس کا بیڑا پار ہے

خُلد میں ہو گا ہمارا داخلہ اس شان سے                                                         یارسولَ اللہ کا نعرہ لگاتے جائیں گے

نعت خوانی موت بھی ہم سے چُھڑا سکتی نہیں                      قبر میں بھی مُصطفےٰ کے گیت گاتے جائیں گے

پُکارو...!     یارسولَ اللہ!     یاحبیبَاللہ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

ايمان ۾ ڪمال ۽ مضبوطيءَ جو شوق

   پيارا اسلامي ڀائرو! پکي زندھ ٿيڻ واري هن قرآني واقعي مان هڪ اهم ترين سبق جيڪو اسان کي سکڻ جي لاءِ ملي ٿو، اهو آهي: ايمان ۾ ڪمال ۽ مضبوطي جو شوق.

 ڏسو! حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، ان جا خليل آهن، تمام مخلوق ۾ سڀني کان وڏو درجو اسان جي آقا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آهي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد بلند مرتبي وارا حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام آهن. سندن ايمان ڪيترو مضبوط هو، ان جو ته اسان اندازو به نه ٿا لڳائي