Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

هڪل هوندي، بس صُور ڦوڪيو ويندو، انهي وقت هزارين سال پُراڻا مُئل به قبرن مان اٿندا.[1]

مُئلن کي پڪارڻ ڪيئن...؟

  پيارا اسلامي ڀائرو! وڌيڪ هن واقعي ۾هي به غور فرمايو! حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام 4 پکي کنيا *هڪ مور*هڪ ڪُڪڙ*هڪ ڪبوتر ۽*هڪ ڳجھ يا ڪانءُ. انهن کي ذبح ڪيائون، پوءِ انهن جو گوشت پاڻ ۾ ملايائون، پوءِ انهن جو گوشت پري جَبلن تي رکي ڇڏيائون، ان کان بعد ڇا ڪيائون، الله پاڪ فرمائي ٿو:

ثُمَّ ادْعُہُنَّ  ترجمو ڪنز العرفان: :  پوءِ انهن کي سڏيو. (سيپارو: 2، البقرة: 260)

   هتي سمجهڻ جي ڳالھ آهي*انسان نه، پکي آهن*زندھ نه، مُئل آهن*ويجهو نه، پري آهن. الله پاڪ حڪم ڏنو ۽ حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام انهن مئل پکين کي پري کان پڪاريو: تَعَالِیْنَ يعني*اي ڪُڪڙ! هيڏي اچ*اي ڪبوتر! هيڏي اچ*اي مور! هيڏي اچ*اي ڳجھ! هيڏي اچ.

   هن مان خبر پئي ته مئلن کي پڪارڻ شرڪ نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن معاذَ الله! هي شرڪ هجي ها ته نه الله پاڪ انهن پکين کي پڪارڻ جو حڪم ڏي ها، نه ئي ڪڏهن حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام ائين پڪارين ها.

   هاڻي سوچڻ جي ڳالھ آهي، جڏهن مئل مور، ڪبوتر، ڳجھ  وغيره کي پڪارڻ شرڪ نه آهي ته انسان، اشرفُ المخلوقات جڏهن دنيا مان هليو وڃي، ان کي پڪارڻ شرڪ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ بلڪه رسولن جا سردار، سڄي مخلوق ۾ سڀ کان افض و اعليٰ نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي يقيناً زندھ آهن، پنهنجي مزارِ پاڪ ۾ دنياوي زندگي سان تشريف فرما آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي يارسول الله! چئي ڪري پڪارڻ شرڪ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟


 

 



[1]... صراط الجنان، پارہ:30، النازعات، زیر آیت:10-14،  جلد:10، صفحہ:526 ماخوذًا۔