Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

اڪمل ٿي ويندي آهي. ڪنهن عاشق ڇا ته خوب لکيو آهي:

کیا کرم کِیَا تیری یاد نے، مجھے آ جگایا نماز میں

میرے وہ بھی سجدے ادا ہوئے جو قضا ہوئے تھے نماز میں

وضاحت: يعني اي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان غفلت سان نماز پڙهي رهيو هئس، جسم ته نماز ۾ هو پر دل ۾ دنياوي خيالات هلي رهيا هئا، پوءِ ڪرم ٿي ويو، عَين نماز جي حالت ۾ توهان جي ياد اچي وئي، هن ياد ڪرم ڪيو، مونکي غفلت واري خواب مان جاڳائي ڇڏيو، هاڻي حالت هي ٿي وئي آهي جو منهنجا اهي سجدا جيڪي پهريان غفلت جي حالت ۾ ادا ٿيا هئا، اوهان جي ياد جي برڪت سان انهن سجدن جي ڪَمي به پوري ٿي وئي ۽ مون خوب خشوع و خضوع سان ربَّ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪري ورتو.

بهرحال! تبرڪات جون کوڙ برڪتون آهن، الله پاڪ جي نبين، ولين ۽ نيڪ ٻانهن سان نسبت رکڻ واريون شيون مُيسر اچن ته انهن جي خوب تعظيم ڪرڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي. اٰمین بِجاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام جو تعارف

  پيارا اسلامي ڀائرو! * حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام تمام وڏي مرتبي وارا نبي آهن * الله پاڪ سندن کي پنهنجو خليل بڻايو، انهيءَ ڪري سندن کي خَليل چيو ويندو آهي * حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام کان بعد جيترا به انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام تشريف وٺي آيا، سڀ ئي پاڻ عَلَيه السَّلَام جي اولاد مان ٿيا، ان ڪري کين ”اَبُوالْاَنْبِیَا (يعني انبياء جا والد) به چيو ويندو آهي * حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام پهريان انسان آهن جن باقاعده اهتمام سان مهمان جي مهمان نوازي فرمائي[1] ان ڪري سندن


 

 



[1]...مراۃالمناجیح، باب:الترجل، الفصل:الثالث، جلد:6، صفحہ:193۔