Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

   خبر پئي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان تمام گهڻي محبت ڪرڻ ايمان کي مضبوط ڪندو آهي. حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو:

اَوْثَقُ عُرَی الْاِیْمَانِ اَلْحُبُّ فِی اللہِ

ترجمو: يعني الله پاڪ جي رضا جي لاءِ (الله پاڪ جي ٻانهن سان) محبت ڪرڻ، ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي آهي. ([1])

خبر پئي الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن، نبين ۽ ولين سان، صحابه ۽ اهلبيت سان محبت ڪرڻ، انهن سان پنهنجو روحاني تعلق مضبوط ڪرڻ سان ايمان پڪو ٿيندو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي:

لَا یُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّٰی  یَکُوْنَ ھَوَاہُ تَبِعًا لِمَا جِئْتُ بِہٖ

ترجمو: يعني توهان مان ڪوبه ان وقت تائين ڪامل مومن نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين ان جون خواهشون منهنجي آندل دين جي تابع نه ٿي وڃن.

خبر پئي: پنهنجي خواهشن کي مٽائي ڪري دين کي اپنائڻ سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي:

لَا یُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّٰی یُحِبَّ لِاَخِیْہِ مَا یُحِبُّ لِنَفْسِہٖ

ترجمو: يعني توهان مان ڪوبه ان وقت تائين ڪامل مومن نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين پنهنجي ڀاءَ جي لاءِ به اهو ئي پسند نه ڪرڻ لڳي، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي.

   خبر پئي: جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪندا آهيون، اهو ئي ٻين جي لاءِ پسند ڪرڻ شروع ڪريون * پنهنجي لاءِ عزت پسند آهي، ٻين کي به عزت ڏيڻ ۾ لڳي وڃون * پنهنجي لاءِ آسانيون پسند آهن، ٻين کي آسانيون ڏيڻ شروع ڪيون * پنهنجي تعريف پسند آهي، ٻين جي تعريف ڪرڻ وارا * غيبت، چغلي وغيره کان بچڻ وارا بڻجي وڃون، مطلب ته هر چڱائي جيڪا پنهنجي لاءِ


 

 



[1]...  مسند ابو داود طیالسی، جلد:1، صفحہ:111، حدیث:783۔