Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

مجتبيٰ، يعني اسان جي آقا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جي پياري پياري سنت آهي * مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه صديقه، طيبه، طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن فرمايو: نَحر (يعني 10 ذوالحج) جي ڏينهن تي الله پاڪ وٽ سڀ کان پسنديده عمل رت وهائڻ (يعني جانور ذبح ڪرڻ) آهي، بيشڪ قرباني جو جانور قيامت جي ڏينهن پنهنجي سڱن، وارن ۽ کُرن سان ايندو ۽ قربانيءَ جو رت زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ الله پاڪ وٽ قبول ٿي ويندو آهي۔ تنهنڪري خوش دليءَ سان قرباني ڪريو![1] حضرت زيد بن ارقم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: توهان جي لاءِ قرباني جي جانور جي هر وار جي عيوض هڪ نيڪي آهي.[2] امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ روايت ڪن ٿا: حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو دل جي خوشي سان، ثواب جي لاءِ قرباني ڪري، ان جي قرباني ان جي ۽ جهنم جي وچ ۾ اوٽ بڻجي ويندي.[3] ”سننِ ڪبريٰ“ جي روايت آهي، مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سڀ کان وڌيڪ پسنديده قُرباني اها آهي جيڪا قيمت ۾ اعليٰ ۽ خوب ٿلهي ٿنڀري هجي.[4] هڪ روايت ۾ فرمايائون: پوڙهي جانور جي بدران جوان جانور جي قرباني بارگاھِ الاهي ۾ وڌيڪ پسنديده آهي.[5]

   الله پاڪ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي صدقي اسان کي نيڪ ڪمن جي توفيق نصيب فرمائي، قرباني ڪرڻ جي به توفيق ملي، ڪاش! اسان دل سان سڀ نيڪ ڪم ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.اٰمین بِجاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:الاضاحی، باب:فی فضل الاضحیہ، صفحہ:383، حدیث:1493۔

[2]...ابن ماجہ، کتاب:الاضاحی، باب:ثواب الاضحیہ، صفحہ:510، حدیث:3127۔

[3]...معجم کبیر،جلد:2، صفحہ:213، حدیث:2670۔

[4]...مسند امام احمد، جد ابی الاشد، جلد:6، صفحہ:375، حدیث:15893۔

[5]...سنن کبری بیہقی، کتاب:ضحایا، باب: یستحب ان یضحی، جلد:9، صفحہ:507، حدیث:19092۔