Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

    اي عاشقان رسول!*سمهڻ کان پهريان بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو تان جو ڪو موذي ڪيڙو وغيره هجي ته نڪري وڃي*سمهڻ کان پهريان هيءَ دعا پڙهي وٺو:اَللّٰہُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَاَحْیَا ترجمو، اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مرندو آهيان ۽ جيئندو آهيان (يعني سمهندو ۽ جاڳندو آهيان) * ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشا جي درميان سمهڻ مڪروه آهي * منجهند جو قيلوله (يعني گهڙي کَن ليٽڻ) مستحب آهي سمهڻ ۾ مستحب هي آهي ته باطهارت سمهي ۽ ٿوري دير ساڄي پاسي ساڄي هٿ کي رُخسار (يعني ڳلَ) جي هيٺيان رکي ڪري قبلي ڏانهن سمهي پوءِ ان کان بعد کاٻي پاسي تي * سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري ته اتي اڪيلو سمهڻو پوندو سواءِ پنهنجي اعمال جي ڪو گڏ نه هوندو سمهڻ وقت يادِ خدا ۾ مشغول هجي تهليل ۽ تسبيح ۽ تحميد پڙهي (يعني لَآ اِلٰہَ اِلاَّ اللّٰہُ. سُبحٰنَ اللہ ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو ورد ڪندو رهي) ايستائين جو سمهي رهي، جنهن حالت تي انسان هوندو آهي انهيءَ تي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي قيامت جي ڏينهن انهيءَ تي اٿندو * جاڳڻ کان بعد هي دعا پڙهو: ”اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ اَحْیَانَا بَعْدَمَآ اَمَاتَنَا،وَ اِلَیْہِ النُّشُورُ.“  ترجمو: تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان بعد زنده ڪيو ۽ انهيءَ ڏي موٽي وڃڻو آهي * جڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جي عمر ڏھ سالن جي ٿي وڃي ته انهن کي الگ الگ سمهارڻ گهرجي بلڪ ان عمر جو ڇوڪرو ايتري وڏي (يعني پنهنجي عمر جي) ڇوڪرن يا (پاڻ کان وڏن) مردن سان گڏ به نه سمهي * ڇوڪرو جڏهن شهوت جي حد کي پهچي وڃي ته اهو مرد جي حڪم ۾ آهي * ننڊ مان اٿي ڪري ڏندڻ ڪريو رات جو ننڊ مان اٿي ڪري تهجد ادا ڪريو ته وڏي سعادت آهي[1] فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ: فرضن کان بعد افضل نماز رات جي آهي.[2] 


 

 



2...550سنتیں اور آداب، صفحہ:38ـ40۔

[2]...مسلم، کتاب الصیام، باب:فَضْلِ صَوْمِ الْمُحَرَّم، صفحہ:424، حدیث:1163۔