Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

آهي*سيپاري: 18، سورةُ الحشر، آيت: 9 ۾ مديني شريف جا 2 نالا ذڪر ڪيا ويا: (1): دارُ الْہِجْرَۃ ۽ (2). دارُ الْاِیْمان ارشاد ٿئي ٿو: آيت:

وَ الَّذِیْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَ الْاِیْمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ اهي جن انهن (مهاجرن) کان پهريان هن شهر کي ۽ ايمان کي ٺڪاڻو بڻايو (سيپارو: 28، سورةُ الحشر: 9)

   علامه بيضاوي رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ  هن آيت جي هڪ معنيٰ بيان ڪندي فرمائن ٿا: تَبَوَّؤُوْا دَارَ الْهِجْرَةِ وَدَارَ الْاِيْمَانِ يعني اهي ماڻهو جن دارُ الهجرت ۽ دارُ الايمان کي پنهنجو گهر بڻايو ۽ ان مان مراد آهن انصاري صحابهءِ ڪرام عليهمُ الرضوان جو انهن جو صدق ۽ سچائي ظاهر ٿي، انهن پهريان کان ئي مديني پاڪ ۾ رهائش کي لازم رکيو، ايمان آندائون ۽ مديني پاڪ ۾ رهائش تي ۽ ايمان تي ثابت قدم رهيا.

   علامه بيضاوي رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ وڌيڪ لکن ٿا: هن آيت ۾ الله پاڪ مديني پاڪ کي ايمان (يا دارُ الايمان) فرمايو، ان جو سبب هي آهي ته ايمان مديني پاڪ کان ئي پکڙجو آهي ۽ ٻيهر انهيءَ ڏانهن موٽي ويندو.[1] مُعۡجَم اَوۡسط جي حديثِ پاڪ آهي، منهنجي پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلْمَدِیْنَۃُ دَارُ الْاِیْمَان مدينو ايمان جو گهر آهي.[2]

ایمان ملا ان کے صدقے، قرآن ملا ان کے صدقے

رحمٰن ملا ان کے صدقے، وہ کیا ہے جو ہم نے پایا نہیں

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! رب ڪريم کي محبوب جو شهر يعني مديني پاڪ سان ڪيڏي محبت آهي...!!* پهريان ته الله پاڪ ئي پنهنجي


 

 



[1]...حاشیہ شیخ زادہ تفسیر بیضاوی، پارہ:28، الحشر، تحت الآیۃ:9، جلد:8، صفحہ:167۔

[2]...معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:174، حدیث:5618۔