Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

محبوب جي قيام(رهڻ) جي لاءِ مديني جو انتخاب فرمايو ۽ محبوب جي قيام(رهڻ) جي لاءِ هميشه اعليٰ ترين انتخاب ڪيو ويندو آهي* پوءِ مديني جي هيءَ عظمت آهي جو الله پاڪ اڳين آسماني ڪتابن ۾ به هن جو ذڪرِ خير فرمايو آهي* ۽ آخري ڪتاب قرآنِ پاڪ ۾ به اهڙو بي مثال ذڪر فرمايو، ڪٿي هن کي اَرْضُ اللہ چيو، ڪٿي هن کي دارُ الہِجْرَت فرمايو، ڪٿي دَارُ الْاِیمَان فرمايو ۽ ٻڌائي ڇڏيو ته جهڙيءَ طرح الله پاڪ کي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بي مثال محبت آهي، ائين ئي الله پاڪ سندن مبارڪ شهر سان به باڪمال محبت فرمائيندو آهي.

عجب پیاری پیاری ہے صُورت کسی کی  ہمیں کیا خُدا کو ہے اُلفت کسی کی

کسی کو کسی سے ہوئی ہے نہ ہو گی                                                                          خُدا کو ہے جتنی محبّت کسی کی

وضاحت: الله اڪبر! پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو چهرو مبارڪ ڪيڏو پيارو ۽ خوبصورت آهي جو نه صرف اسان کي بلڪه الله پاڪ کي به ان نوراني چهري سان تمام گهڻي الفت ۽ محبت آهي، بلڪه ايئن چئو ته جهڙي محبت الله پاڪ کي پنهنجي محبوب سان آهي اهڙي محبت نه ڪنهن کي ڪنهن سان آهي نه ئي ٿيندي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                   صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ملائڪن جي مديني سان محبت

  پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! مدينو پاڪ الله پاڪ جو پسنديده شهر آهي، ان سان گڏوگڏ ملائڪَ به مديني سان محبت ڪندا آهن، تمام مشهور روايت آهي، حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن فجر طلوع ٿيندي آهي ته 70 هزار ملائڪَ مديني پاڪ حاضر ٿيندا آهن، نبي ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي کي پنهنجي پَرَن سان ڍڪي وٺندا آهن ۽ (ڇا ڪندا آهن؟ فرمايائون): یُصَلُّوْنَ عَلَی النَّبِیْ، پنهنجي