Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي  فضيلت

    حضرت ابو فضل قُومَسَاني رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ تمام وڏا عاشقِ رسول ۽ نيڪ بُزرگ ٿي گذريا آهن، هڪ ڀيري خُراسان مان هڪ عاشقِ رسول سندن وٽ اچي چوڻ لڳو: الحمد لله! مان مسجدِ نبوي ۾ سُتل هيس، مون تي ڪرم ٿي ويو، عرش تي وڃڻ وارا، جنت جو سيرُ فرمائڻ وارا، آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ منهنجي خواب ۾ تشريف وٺي آيا. پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ چپن کي حرڪت ٿي، رحمت جا گل ٽڙڻ لڳا، پاڻ سڳورن صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جن فرمايو: جڏهن تون همدان (شهر) وڃين ته اَبو فضل قُومَساني کي منهنجو سلام چئجانءِ. مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ! انهن تي هن ڪرم جو ڇا سبب آهي؟ فرمايائون: هو روزانو مون تي 100 ڀيرا دُرود پڙهندو آهي.

 سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي ان بلند هستي جو جنهن کي نورِ خدا، امامُ الانبياء، محبوبِ خدا صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ  جن سلام موڪليا آهن.

پیام لے کے جو آئی صبا مدینے سے                         مریضِ عشق کی لائی دوا مدینے سے

ملے ہمارے بھی دِل کو جلا مدینے سے            کہ مہر و ماہ نے پائی ضیا مدینے سے

وضاحت: جِلا: مطلب: زندگي. ضِيا: مطلب روشني. يعني اي پيارا محبوب صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ! چنڊ ۽ سج کي جيڪا روشني ملي (آهي سا) مديني مان ئي ملي آهي...!! ڪاش! اسان غريبن جي دلين کي به زندگي ملي وڃي.