Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

 اي عاشقانِ رسول! دل ۾ مديني جو عشق وڌائڻ، مديني جي ياد، مديني جو ذڪر ڪرڻ، گناھن ۽ فضوليات کان بچڻ، چڱي، مقصد واري، سنتن ڀري ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪم ڪرڻ ۾ به خوب حصو وٺو، دنيا ۽ آخرت جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم روزانو نيڪ اعمال جي رسالي مان جائزو وٺڻ به آهي.

    نبي پاڪ صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جن فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو مُحاسبو ۽ مرڻ کان بعد جي لاءِ عمل ڪري[1]*پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اِهوئي آهي ته اسان پنهنجون عادتون، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي عملن جو جائزو وٺندا ڪريون. هِن زماني ۾ اميراهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: نيڪ اعمال رسالو*وڏي عُمر جي اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيا آهن*هر سوال هيٺ 30 خانه آهن*روزانو سوال پڙهي ڪري پنهنجو جائزو وٺڻو ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن* درست اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي* هن جي ذريعي ڪيئي ماڻهن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.

    توهان هي رسالو خريد ڪيو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو جائزو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو*اخلاق سٿرو ٿيندو*ڪردار چڱو ٿيندو* عادتون بهتر ٿينديون*نيڪين تي استقامت ملندي*گناھن کان نفرت ٿيندي*دل روشن ٿيندي*الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيندي*عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو*روحانيت ملندي ۽* آخرت جو فڪر نصيب ٿيندو.


 

 



[1]... ترمذی،ابواب صفۃ القیامۃ...الخ،  صفحہ:583، حدیث:2459بتغیر قلیل۔