Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

مديني جو غم ۽ مديني جو درد ڪيئن ملي؟

 پيارا اسلامي ڀائرو!* مديني جي ياد * مديني جي فرياد* مديني جو غم* مديني جو عشق، ڪيئن حاصل ٿئي؟ اچو! عاشقِ مدينه، يعني شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جون ڪجھ نصيحتون ٻڌون ٿا: پاڻ دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه  فرمائن ٿا: مديني جو غم حاصل ڪرڻ جي لاءِ *سرڪارِعالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ۽ سندن نسبت رکڻ واري هر شيءِ سان سچي پڪي محبت ڪئي وڃي*سندن مُبارڪ سُنّتن تي عمل ڪيو وڃي*بزرگانِ دين (يعني الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) جا حَرمين طيبين جي ادب  ۽ حترام جا واقعا پڙهيا وڃن.

*  انهيءَ لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون پڙهڻ مفيد آهي. الله پاڪ نصيب ڪري ته هن ڪتاب کي پڙهڻ سان مڪي شريف، مديني شريف ۽ حج وغيره جي محبت دِل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي*اهڙي طرح اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو نعتيه ديوان حدائقِ بخشش پڙهيو وڃي، سٺي اردو ڄاڻڻ وارو جيڪڏهن حدائقِ بخشش کي سمجھي ڪري پڙھندو رهي ته اهو تمام وڏو عاشقِ رسول بڻجي ويندو* سچي ڳالهه اها آهي ته عشقِ رسول جي حصول ۾ ماحول ۽ صحبت گهڻي ڪارگر آهي. صحبت جي ذريعي جذبو وڌندو آهي، هاڻي جيئن ته ڪير حج يا مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ ويو ۽ ان سفر ۾ ڪنهن عاشقِ رسول جي صحبت نه مليس ته ان کي ذوق نصيب نه ٿيندو لهٰذا حرمين طيبين جو سفر اهلِ ذوق ۽ اهل علم (ڪنهن عاشقِ رسول مفتي صاحب) سان ڪرڻ گھرجي* پنهنجي ملڪ ۾ به عاشقانِ رَسول جي صحبت ۾ وڌ کان وڌ وقت گذارڻ گھرجي*الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي سنّتن ڀري اجتماعن ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت سان مديني شريف جي محبت جي چاشني ملندي آهي.

 ڪاش! اسان سڀني کي*مديني جو عشق*مديني جو غم*مديني جو درد حاصل ٿي وڃي، دل مديني جي يادن ۾ ٻڏل رهي، چپن تي هر وقت بس مدينو، مدينو، مدينو ئي جاري رهي.   اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.