Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

ڪبوترن جي محبوب جي آستاني سان محبت

  پيارا اسلامي ڀائرو! مدينو محبت جو شهر آهي، هي صرف انسان ناهن جيڪي مديني سان محبت ڪندا آهن، الحمد لله! جانور به مديني پاڪ سان تمام گهڻي محبت ڪندا آهن. سيدي قُطبِ مدينه مولانا ضياء الدين مدني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه جا پير صاحب آهن، مديني پاڪ سان تمام گھڻي محبت رکندا هئا، پاڻ ڪيترائي سال مديني پاڪ ئي ۾ حاضِر رهيا ۽ اڄ به الحمدلله! مديني پاڪ ئي ۾ بقيع شريف ۾ مدفن آهن، سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو انتظاميه مسجد نبوي شريف جي حرم شريف کي صاف سٿرو رکڻ جي لاءِ ڪبوترن جي لاءِ فيصلو ڪيو ته داڻو وغيره نه رکيو وڃي ته جيئن ڪبوتر داڻي جي ڳولا ۾ ٻين هنڌن ڏانهن هليا وڃن۔ ان حڪم تي عمل ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين داڻو پاڻي وغيره نه رکيو ويو، پر ڪبوترن جي گنبذِ خضرا سان ايتري ته محبت هئي جو بک  سان مري رهيا هئا ، پر محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آستاني کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا۔ مديني وارن پنهنجي اکين سان اهي عشق ۽ محبت ڀريا منظر ڏٺا ۽ ماڻهن انتظاميه کي مسلسل اپيل ڪئي تڏهن اتي وري ساڳي وانگر ڪبوترن جو داڻو رکڻ شروع ڪيو ويو.[1]

عالَمِ وَجْد میں رَقصاں میرا پَر پَر ہوتا                                کاش! میں گنبدِ خضراء کا کبوتر ہوتا

   الله پاڪ اسان کي به مديني پاڪ جي خوب خوب محبت نصيب فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...عاشقانِ رسول کی 130حِکایات، صفحہ:184۔