Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

آقا ۽ مولا، رسولِ خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ درودن جا نذرانا پيش ڪندا آهن.

   حضرت ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: شام تائين اهي ملائڪ اتي ئي حاضر رهندا آهن، جڏهن شام ٿيندي آهي ته اهي ملائڪَ هليا ويندا آهن، انهن جي جڳھ تي 70 هزار ٻيا حاضر ٿيندا آهن، هاڻي شام کان صبح تائين اهي 70 هزار ملائڪَ روضي پاڪ کي پنهنجي پَرَن سان ڍڪي رکندا آهن ۽ درودن جا نذرانا پيش ڪندا رهندا آهن. هي سلسلو قيامت تائين ائين ئي هلندو رهندو.[1]

سَتَّر ہزار صبح ہیں، سَتَّر ہزار شام  یُوں بندگئ زُلْف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے 

جو ایک بار آئے دوبارہ نہ آئیں گے رُخصت ہی بارگاہ سے بس اس قدر کی ہے([2])

وضاحت: روزانو 70 هزار ملائڪَ صبح جو ۽ 70 هزار شام جو يعني هڪ لک چاليھ هزار ملائڪَ روزانو نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا، درودِ پاڪ جا نذرانا پيش ڪندا ۽ جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زلف مبارڪ ۽ والضّحيٰ واري چهري جي تعريف ۽ ثناء ڪندا آهن، پوءِ هي به ته جيڪو ملائڪ هڪ ڀيرو حاضر ٿي چڪو، ٻيهر قيامت تائين ان کي حاضر ٿيڻ نصيب نه ٿيندو جو الله پاڪ جي بارگاھ کان بس ايتري ئي اجازت آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته ڪروڙين ملائڪَ حاضري کان محروم رهجي وڃن ها.

جبريل عَلَيه السَّلَام  جو  محبوب شهر

 امام عشق و محبت، اعليٰ حضرت شاھ امام احمد رضا خان رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ سهڻي انداز ۾ مديني پاڪ جو شان بيان ڪيو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا:

چمنِ طیبہ ہے وہ باغ کہ مُرغِ سِدْرہ   برسوں چہکے ہیں جہاں بلبل شیدا ہو کر ([3])


 

 



[1]...سنن دارمی، مقدمہ، باب ما اکرم اللہ...الخ، صفحہ:59، حدیث:95۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:220۔

[3]...حدائق بخشش، صفحہ:70۔