Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                             جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

عمامو شريف ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب

2 فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: (1): عمامي سان نماز پڙهڻ 70 هزار نيڪين جي برابر آهي[2] (2): عمامو ٻڌو توهان جي برداشت ڪرڻ جي قوت وڌندي.[3]

 پيارا اسلامي ڀائرو! عمامو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو*جنهن ان جو اُلٽ ڪيو (يعني عمامو ويهي ٻڌو ۽ پاجامو بيهي پاتائين) اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي ڪا دوا ناهي (يعني طبيبن کي دوا جو علم ناهي)*عمامو شريف ٻڌڻ کان پهريان چڱيون چڱيون نيتون ڪري وٺندا هڪ به چڱي نيت نه هوندي ته ثواب نه ملندو*مناسب هي آهي ته عمامي جو پهريون وَرُ مٿي جي ساڄي پاسي وڃي*الله پاڪ جي آخري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عمامي جو شملو عام طور تي پُٺيءَ جي پويان هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ 2 شملا هوندا هئا*کاٻي پاسي شملو لڙڪائڻ سنت جي خلاف آهي*عمامي جي شملي جي مقدار گهٽ ۾ گهٽ 4 چار انچ ۽ وڌ ۾ وڌ (اڌ پُٺيءَ تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (وچين آڱر کان وٺي ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چورائيندو آهي)*عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيٺي بيٺي ٻڌو*مراٰت شريف ۾ آهي: عمامو بيهي ڪري ٻڌڻ سنت آهي مسجد ۾ ٻڌو يا ڪنهن ٻي جاءِ تي*عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گزن کان گهٽ نه هجي، نه 6 گزن کان وڌيڪ ۽ ان جو ٻڌڻ گنبذ وانگر هجي.[4]


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...مسندالفردوس، جلد:2، صفحہ:406، حدیث:3805۔

[3]...مستدرک، کتاب اللباس، جلد:5، صفحہ:272، حدیث:7488۔

[4]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:54-56ملتقطاً۔