Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

ڇا مدينو عرش کان به افضل آهي ...؟

   حضور غزاليءِ زمان حضرت علامه ڪاظمي شاھ صاحب رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جن جي مزار پاڪ ملتان ۾ آهي... پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عاشق رسول، تمام وڏا عالِمِ دِين هئا، الحمدلله! تمام ذَهِين ۽ هوشيار هئا، ڪمال جو اِسْتِدْلَال ڪندا هئا (يعني ڪنهن مسئلي جو دَليل  ڏيڻو پوندو هو ته زَبردست ۽ ناياب دليل ڏيندا ها جو ٻڌڻ وارا حيرت ۾ پئجي ويندا هئا). هڪ ڀيري جو ذِڪر آهي ته پاڻ  مسجد نبوي شريف ۾ ويٺا هئا. مسجد نبوي هجي، روضهءِ رَسُول سامهون هجي، ان وقت عاشقن جون ته ڪيفيتون ئي الڳ هونديون آهن... اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکيو آهي:

اے شوقِ دِل! یہ سجدہ گَر اُن کو رَوَا نہیں                اچھا! وہ سجدہ کیجے کہ سَر کو خبر نہ ہو([1])

وضاحت: يعني جڏهن رُوضي جي سامهون پهتا، دِل بيقرار ٿي رهي آهي، شَوق وڌي رهيو آهي، حَسرت آهي ته هتي تعظيم لاءِ سجده ڪيو وڃي پر سرڪار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جي شريعت ۾ غيرِ خُدا کي تعظيمي سجدو ڪرڻ حرام آهي. هاڻي ڪيون ته ڇا ڪيون؟ اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ وچٿرو رستو ڪڍيو... فرمائن ٿا: اي دل جا شوق! هي سجدو يعني پيشاني زمين تي رکي ڪري سجدو ڪرڻ، هي جيڪڏهن حُضُور صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمِ جي لاءِ جائِز ناهي ته ٺيڪ  آهي، هي سجدو نه ڪر! اهڙي انداز کان سجدو ڪر ته جيئن مٿي کي به خبر نه پئي...!!

اُن کے در پر پہنچنے تو پائیں، یہ نہ پوچھو کہ کیا ہم کریں گے

سَر جھکانا اگر جُرم ہو گا، ہم نگاہوں سے سجدہ کریں گے

ڊاڪٽر اقبال چئي ٿو:

سَجُود نِیسْت اِے عبدُ العزیز! اِیْں                                                           بَرَویَم اَزْ مِژَا خَاکِ دَرِ دَوست ([2])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:131۔

[2]...کلیات اقبال فارسی، اَرمغانِ حجاز، صفحہ:805۔