Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

سُبْحٰنَ اللہ! هي به مديني جي فضيلت آهي، اَلحَمۡدُلله! *مدينو شريف اها پاڪ سرزمين آهي جتي سڪون ملندو آهي*قرار ملندو آهي*ڏکايل دليون هتي اچي ڪري سڪون ماڻينديون آهن*غمن جا ماريل هتي اچي ڪري غمن کان نجات ماڻيندا آهن* ها! ها! هتي مدينو ئي آهي، جيئن اسان جا آقا هر بيڪسن جي لاءِ پناھ گاھ آهن. ائين ئي مدينو شريف به هر غريب جي لاءِ وطن آهي.

مدینے کے خطّے، خُداتجھ کو رکھے غریبوں، فقیروں کے ٹھہرانے والے([1])

وضاحت: اي مديني پاڪ جي پاڪيزه زمين! الله پاڪ توکي سلامت رکي...!! تون ئي آهين جتي غريبن ۽ فقيرن کي سڪون نصيب ٿيندو آهي.

قرآنِ پاڪ ۾ مديني جو ذڪر

 اي عاشقانِ رسول! اَلحَمۡدُلله! مدينو پاڪ الله پاڪ جو محبوب شهر آهي. الله پاڪ جهڙي طرح اڳين آسماني ڪتابن ۾ هن جو ذڪرِ خير فرمايو آهي، اهڙي طرح سڀ کان آخري ڪتاب قرآنِ پاڪ ۾ به ڪيئي مقامن تي مديني پاڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي * مديني پاڪ جو مشهور نالو يعني مدينو به قرآنِ پاڪ ۾ 4 ڀيرا آيو آهي* ان کان علاوه سيپاري: 15، سورت بني اسرائيل، آيت: 80 ۾ مديني شريف جي لاءِ لفظ مُدْخَلُ صِدْقٍ استعمال ڪيو ويو آهي، يعني داخل ٿيڻ جي سُٺي جڳھ ۽ سَچي جڳھ*سيپارو 5، سورت نسآء، آيت: 97 ۾ مديني شريف کي اَرْضُ اللہ يعني الله پاڪ جي زمين فرمايو ويو. يعني زمين ته سڄي ئي الله پاڪ جي ئي آهي، بلڪه ست ئي زمينون، ست ئي آسمان الله پاڪ ئي پيدا فرمايا آهن پر  اُن پاڪ سرزمين (يعني مديني پاڪ) جي قسمت ته ڏسو جو ربَّ ڪريم ان کي خاص طور تي اَرْضُ اللہ (الله جي زمين) جي خطاب سان نوازيو


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:158۔